نيشنل گيمز جو 6 ڊسمبر تي افتتاح: حديقه پرفارم ڪندي

نيشنل گيمز جو 6 ڊسمبر تي افتتاح: حديقه پرفارم ڪندي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) 35هين نيشنل گيمز 2025 جي افتتاحي ۽ اختتامي تقريب دوران سيڪيورٽي ۽ ٽريفڪ انتظامن جو جائزو وٺڻ بابت  راندين واري کاتي جي سيڪريٽري منور مهيسر جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پوليس، رينجرز سميت ٻين لاڳاپيل ادارن جي اختيارين شرڪت ڪئي . اجلاس دوران سيڪيورٽي ادارن پاران پارڪنگ، واڪ ٿرو گيٽس، سنيفنگ، فين اسڪريننگ ۽ ٽريفڪ پلان بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. کاتي جي ترجمان موجب ته افتتاحي تقريب ۾ 11 هزار کان وڌيڪ رانديگر ۽ ٻيا نمائندا شرڪت ڪندا. حديقه ڪياني ۽ عظمت علي سميت ٻيا ناميارا فنڪار پڻ فن جو مظاهرو ڪندا. 6 ڊسمبر تي افتتاحي تقريب ۾ بنا پاس جي انٽري نه ٿي سگھندي. هن وڌيڪ چيو ته فيمليز لاءِ الڳ انتظام ڪيا ويا آهن جن لاءِ خاص ڪاميٽيون پڻ جوڙيون ويون آهن.