نيشنل گيمز جي افتتاحي تقريب ۾ صدر آصف زرداري جي شرڪت

نيشنل گيمز جي افتتاحي تقريب ۾ صدر آصف زرداري جي شرڪت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) 35 هين نيشنل گيمز 2025 جي افتتاحي ۽ اختتامي تقريب جي سيڪيورٽي بابت سنڌ حڪومت جي اعليٰ سطحي ڪاميٽي جو اهم اجلاس ٿيو. جنهن جي صدارت سنڌ جي راندين واري وزير سردار محمد بخش مهر، تعليم واري وزير سيد سردار علي شاهه ۽ ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب ڪئي. اجلاس ۾ 35 هين نيشنل گيمز جي مهمانن جي سيڪيورٽي، ٽريفڪ، اسٽيڊيم انتظامن ۽ آمدرفت بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. سمورن کاتن وچ ۾ ڪوآرڊينيشن لاءِ خاص سيل ۽ ڪاميٽيون قائم ڪيون ويون، راندين واري سيڪريٽري منور علي مهيسر چيو ته تقريب دوران سيڪيورٽي، ٽرانسپورٽ ۽ اسٽيج جي انتظامن ۾ ڪنهن به قسم جي خلل کان بچڻ لاءِ قدم کنيا ويا آهن. سيڪريٽري اطلاعات نديم الرحمان ميمڻ چيو ته اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا ۾ نيشنل گيمز جي مڪمل ڪوريج ڪئي ويندي. ڊي جي ڪلچر حبيب الله ميمڻ ٻڌايو ته ٻين صوبن کان ايندڙ رانديگرن ۽ مهمانن جو ريلوي اسٽيشنن ۽ ٻين هنڌن تي استقبال ڪيو ويندو. سنڌ ٽرانسپورٽ کاتي موجب عورت رانديگرن کي گلابي بسن ذريعي نيشنل اسٽيڊيم پهچايو ويندو. سنڌ اولمپڪس جي احمد علي راجپوت چيو ته شيڊول مطابق لاڳاپيل ماڻهن کي ٽرانسپورٽ فراهم ڪئي ويندي. راندين واري وزير سردار محمد بخش مهر چيو ته ڪنهن کي به پاس کان بغير نيشنل گيمز جي افتتاحي ۽ اختتامي تقريب ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت نه هوندي ۽ سمورا مهمان ۽ رانديگر 2 وڳي تائين نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي پهچي وڃن. افتتاحي تقريب 2:30 وڳي شروع ٿيندي، جنهن ۾ صدر آصف علي زرداري مهمان خاص هوندو. سردار علي شاهه چيو ته نوجوانن کي راندين ڏانهن راغب ڪرڻ لاءِ اسڪولن جي شموليت کي يقيني بڻايو ويندو. مرتضيٰ وهاب چيو ته ڪي ايم سي سيڪيورٽي ۽ ايمرجنسي رسپانس کي يقيني بڻائڻ لاءِ نيشنل گيمز لاءِ فائر برگيڊ فراهم ڪندو.