نيشنل گيمز پڄاڻي تقريب ۾ غير حاضر 33 آفيسر ۽ ملازم معطل، رپورٽ ڪرڻ جي هدايت

نيشنل گيمز پڄاڻي تقريب ۾ غير حاضر 33 آفيسر ۽ ملازم معطل، رپورٽ ڪرڻ جي هدايت

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)  ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن (ڪي ايم سي) پاران 33 آفيسر ۽ ملازم کي نيشنل گيمز جي اختتامي تقريب ۾ ڊيوٽيون ۽ شرڪت نه ڪرڻ سبب معطل ڪري ايڇ آر ڊيپارٽمينٽ م رپورٽ ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن. ترجمان ڪي ايم سي موجب، معطل ڪيل آفيسرن ۽ ملازمن کي تقريب ۾ شرڪت ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي هئي، پر انهن هدايت تي عمل نه ڪيو ۽ غيرحاضر رهيا، معطل ڪيل آفيسرن ۾ ايڊيشنل ڊائريڪٽر سليم شيخ ، ڊپٽي ڊائريڪٽر خالد، مليريا سپروائزر جاويد سميت ڊرائيور، ڊپٽي ڊائريڪٽر، ايڊيشنل ڊائريڪٽر، 4 ڪلارڪ، 5 سپروائيزر، 5 فيلڊ اسٽاف ۽ ٻيا عملي شامل آهن.سڀني معطل ٿيل آفيسر ۽ ملازمن کي ايڇ آر ڊپارٽمينٽ ۾ رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.واضح رهي ته نيشنل گيمز جي تقريب ۾ فيلڊ مارشل عاصم منير ۽ بلاول ڀٽو زرداري سميت ڪيترن ئي وزيرن به شرڪت ڪئي هئي.ڪي ايم سي ترجمان موجب، ڊيوٽي تي غير حاضر رهڻ جي سبب انهن آفيسر ۽ ملازمن کي ايڇ آر سيڪشن ۾ رپورٽ ڪرڻ لاءِ حڪمنامو جاري ڪيو ويو آهي