نيشنل گيمز ۾ آرمي جي پهرين پوزيشن، اسلام آباد به گولڊ ميڊل ماڻي ورتو

نيشنل گيمز ۾ آرمي جي پهرين پوزيشن، اسلام آباد به گولڊ ميڊل ماڻي ورتو

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) ڪراچي ۾ جاري 35 هين نيشنل گيمز ۾ دفاعي چيمپيئن پاڪستان آرمي جي گولڊ ميڊلز جي سينچري ٿي وئي. 113 گولڊ ميڊل کٽي ورتا. مردن جي ٽيم ايونٽ جي فائنل ۾، پاڪستان آرمي واپڊا کي شڪست ڏئي گولڊ ميڊل کٽيو. وومين ٽيم ايونٽ جي فائنل ۾ هڪ دلچسپ ۽ سنسني خیز مقابلو ڏٺو ويو. پهرين سنگل ۾، واپڊا جي اشنا سهيل آساني سان شاندنا رابي کي 0-6 ۽ 0-6 تان شڪست ڏئي پنهنجي ٽيم کي برتري ڏياري. جڏهن ته ٻئي سنگل ۾ اسلام آباد جي ماهين آفتاب واپڊا جي مهڪ کوکر کي 2-6 ۽ 2-6 تان شڪست ڏئي مقابلو برابر ڪري ڇڏيو. ڊبلز ۾ اسلام آباد جي شيزا ساجد ۽ ماهين آفتاب واپڊا جي اشنا سهيل ۽ سارہ منصور کي 1-6، 6-4، 4-6 تان شڪست ڏني، جنهن سان اسلام آباد نيشنل گيمز جي تاريخ ۾ ٽينس ۾ پهريون ڀيرو گولڊ ميڊل کٽيندڙ بڻجي ويو. ٻئي طرف مردن جي ٽيم ايونٽ جي فائنل ۾، آرمي واپڊا کي 1-2 تان شڪست ڏئي گولڊ ميڊل کٽيو. ٻئي طرف ميراٿن ريس پاڪستان نيوي جي شهباز مسيح کٽي ورتي. شهباز مسيح مقرر ڪيل فاصلو 2 ڪلاڪ 25 منٽ 23 سيڪنڊن ۾ مڪمل ڪيو ۽ پهرين پوزيشن حاصل ڪئي ۽ گولڊ ميڊل کٽيو. واپڊا جي شير خان ٻئي پوزيشن حاصل ڪندي چاندي جو ٻلو کٽيو. پاڪستان نيوي جي شير اختر ٽئين پوزيشن حاصل ڪندي ٽامي جو ٻلو ميراٿن مزار قائد کان شروع ٿي ۽ بين الاقوامي معيار مطابق 42.195 ڪلوميٽر جي مقرر ڪيل فاصلي کي پورو ڪرڻ کان پوءِ پي ايس بي ڪوچنگ سينٽر تي ختم ٿي. ٻئي طرف ميڊل ٽيبل موجب هيستائين ڪل 720 ميڊل ڏنا ويا آهن جن ۾ پاڪستان آرمي 113 سونا، 50 چاندي جا ۽ 34 ٽامي جا ڪل 197 ميڊيل کٽي پهرئين نمبر تي آهي. واپڊا 46 گولڊ، 43 چاندي، 34 ٽامي جا ڪل 123 ميڊل کٽي ٻئي، نيوي 24 گولڊ، 21 چاندي ۽ 20 ٽامي جا ڪل 65 ميڊل کٽي ٽئين، پنجاب 7 گولڊ، 23 چاندي ۽ 32 ٽامي جا ڪل 62 ميڊل کٽي چوٿين نمبر تي آهي. سنڌ سون جا 6، چاندي جا 15 ۽ ٽامي جا 38 ڪل 59 ميڊل کٽيا آهن.