نينا گپتا جي ڳورهاري ٿيڻ جا افواهه: وڊيو به وائرل 

نينا گپتا جي ڳورهاري ٿيڻ جا افواهه: وڊيو به وائرل 

ممبئي (ڪلچرل ڊيسڪ) بالي ووڊ جي 66 سالن جي سينيئر اداڪاره نينا گپتا جي ڳورهاري ٿيڻ جا افواهه، ميڊيا موجب نينا گپتا جي هڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي آهي، جنهن کانپوءِ سندس ڳورهاري ٿيڻ بابت افواهه  گردش ڪرڻ لڳا. ميڊيا رپورٽن موجب گذريل هفتي نينا گپتا پنهنجي مڙس سان گڏ حيدرآباد دکن ۾ اداڪار وجئه ديواڪونڊا ۽ رشميڪا مندنا جي شادي ڪاڄ ۾ شرڪت ڪئي، انهي تقريب جون تصويرون ۽ وڊيوز سوشل ميڊيا پليٽ فارمن تي تيزي سان وائرل ٿي ويون. انهي ڪاڄ بعد نينا جي ڳورهاري ٿيڻ جا افواهه پکڙيا، هوڏانهن نينا تازو هڪ انٽرويو ۾ انهن ڳالهين کي کي رد ڪري ڇڏيو. هن مسڪرائيندي چيو ته، ” مبارڪن جا ڪا ڳالهه ناهي، آئون ڳورهاري ناهيان، سچي ڳالهه اها آهي ته مونکي ٿلهي ساڙهي پاتل هئي، انهي ڪري تقريب ۾ ٿلهي نظر آيس.” نينا گپتا مزاحيه انداز ۾ وڌيڪ چيو ته مون کي هن عمر ۾ ڳورهاري ٿيڻ واري خبر تي ڪاوڙ سان گڏ کل به آئي.