| نينگرين ۽ عورتن کي حراسان ڪندڙن لاءِ ڪا به رعايت ناهي، شاگردن جو تحفظ يقيني بڻايو وڃي: مراد شاهه |
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي پوليس جي وقت سر ڪارروائي تي وڏي وزير مراد علي شاهه پاران اطمنان جو اظهار ڪيو ويو آهي, وڏي وزير پاران ڪراچي يونيورسٽي ڪيس ۾ پوليس جي وقت سر ڪارروائي تي تعريف ڪئي, جاري ڪيل بيان ۾ مراد علي شاهه چيو آهي ته نينگرين ۽ عورتن کي حراسان ڪندڙن لا۽ ڪا به رعايت ناهي عورتن جي تحفظ تي ڪنهن به قسم جو سمجهوتو نه ڪيو ويندو, تعليمي ادارن ۾ شاگردن جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي, مراد علي شاهه چيو آهي ته شاگردن خلاف ڏوهن تي فوري ۽ سخت ڪارروائي ٿيندي, هراسان ڪندڙن خلاف قانون سختي سان منهن ڏيندو, وائرل وڊيو ڪيس ۾ جوابدار جي گرفتاري تعريف جوڳو عمل آهي, سنڌ پوليس پاران فوري ايڪشن وٺي قانون جي بالادستي قائم ڪئي, عوام جي شڪايت تي فوري گرفتاري خوش آئيند آهي, قانون شڪني تي زيرو ٽالرنس پاليسي تي عملدرآمد جاري آهي, ڪراچي پوليس ذميداري ۽ پيشه ورانه روئيو اپنايو, اخلاقي اقتدار پامال ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ٿيڻ گهرجي, شهرين جي تحفظ لا۽ پوليس جي فوري ڪارروائي تعريف جوڳي آهي, عوام جي اعتماد تي پورو لهڻ واري پوليس فورس تي فخر آهي۔۔۔