| نينگري زيادتي بعد قتل ۽ لاش ٽڪرا ڪرڻ واري ڪيس ۾ جوابدار جي اپيل رد: موت واري سزا برقرا |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي شريعت اپيليٽ بينچ 11 ورهين جي نينگري سان زيادتي بعد قتل ڪري لاش جا ٽڪرا ڪرڻ واري ڪيس ۾ جوابدار جي موت جي سزا خلاف داخل اپيل رد ڪندي موت جي سزا برقرار رکي ڇڏي آهي. جسٽس جمال خان مندوخيل جي سربراهي ۾ پنج رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران جوابدار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته سندس موڪل جو نه ڊي اين اي ٽيسٽ ڪيو ويو ۽ نه ئي فنگر پرنٽس ورتا ويا. ٻڌڻي دوران جسٽس شهزاد احمد ملڪ چيو ته 11 ورهين جي نينگري سان زيادتي بعد کيس قتل ڪيو ويو، سندس لاش جا ٽڪرا ٽڪرا ڪيا ويا، سر هڪ هنڌ ۽ ڌڙ ٻئي هنڌان هٿ آيو. استغاثه جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته جوابدار مقتولا جي والد جو دوست هو. ان تي جسٽس شهزاد احمد ملڪ ريمارڪس ڏيندي چيو ته شايد جوابدار کي يقين هو ته مٿس ڪنهن کي به شڪ نه ٿيندو. جسٽس جمال خان مندوخيل پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته هڪ ڀيري پنجاب فرانزڪ سائنس ليبارٽري جي دوري دوران معلوم ٿيو ته قتل واري واقعي خلاف نڪتل جلوس ۾ سڀ کان وڌيڪ نعرا هڻندڙ شخص ئي بعد ۾ جوابدار نڪتو، جيڪو ڪوڙ سڃاڻيندڙ مشين ذريعي به پڪڙجي ويو. هن چيو ته الله ئي اصل انصاف ڪندڙ آهي ۽ حقدار کي آخرڪار حق ملي ئي ويندو. جسٽس شهزاد احمد ملڪ چيو ته هن به اهڙو هڪ واقعو ڏٺو، جنهن ۾ مقتول جا دوست جنازي ۽ قل ۾ به شريڪ رهيا پر بعد ۾ معلوم ٿيو ته اهي ئي قاتل هئا. جسٽس جمال خان مندوخيل چيو ته قتل هڪ گولي سان به ٿي سگهي ٿو ۽ لاش جا ٽڪرا ڪرڻ سان به پر عدالت جو ڪم جذباتي ٿيڻ نه پر قانون موجب فيصلو ڪرڻ آهي. جيڪڏهن اهڙي بربريت واري ڪيس ۾ موت جي سزا نه ٿيندي ته پوءِ ڪهڙي ڪيس ۾ ٿيندي. عدالت جوابدار گوهر جي موت جي سزا برقرار رکندي سندس اپيل رد ڪري ڇڏي. ياد رهي ته جوابدار گوهر ڪراچي جي علائقي لانڍي ۾ 11 ورهين جي نينگري سان زيادتي بعد کيس قتل ڪيو هو. واقعي جو ايف آءِ آر 28 فيبروري 2005ع تي داخل ڪيو ويو هو. ٽرائل ڪورٽ جوابدار کي ڦاسي جي سزا ٻڌائي هئي، جنهن کي هاءِ ڪورٽ پڻ برقرار رکيو هو.