نينگري عليشبا چنا کي آزاد ڪرائڻ جي دعويٰ: ڌاڙيل وڌيڪ هڪ نينگر اغوا ڪري ويا
جُولاءِ 22, 2023
ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) ڪنڌڪوٽ ويجهو پوليس اغوا ٿيل نينگري کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي جڏهن ته ڌاڙيل هڪ نينگر کي اغوا ڪري ويا
پوليس پاران سرچ آپريشن دوران مقابلي بعد نينگري علشبا چنو کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي، پوليس موجب شالو جي ڪچي واري علائقي مان مقابلي بعد 5 ورهين جي علشبا کي بازياب ڪرايو ويو
هوڏانهن ڪنڌڪوٽ جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد مان پورهيت نينگر اغوا ٿي ويو، نينگر عرفان کي ڌاڙيل اغوا ڪري ڪچي طرف کڻي ويا، پوليس پاران نينگر کي بازياب ڪرائڻ لاءِ ڪوششون شروع ڪيون ويون آهن