نينگر سمرت اغوا: چيف جسٽس نوٽيس ورتو، آءِ جي ۽ ايس پي کان جواب طلب

مَي 25, 2023

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ ڪشمور ڪنڌڪوٽ مان 7ورهين جي نينگر سمرت جي اغوا جو پاڻمرادو نوٽيس ورتو آهي

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس،  آءِ جي سنڌ، ايس ايس پي ڪشمور ڪنڌڪوٽ ۽ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي

ڪشمور ڪنڌڪوٽ مان 7 ورهين جي ٻارڙي سمرت کي ڪجهه ڏينهن اڳ اغوا ڪيو ويو هو

چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي خبرن کانپوءِ نوٽيس ورتو

چيف جسٽس ٻن ڏينھن اندر لاڳاپيل ڌرين کان جواب گھري ورتو  آهي جڏهن ته سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار ڌرين کي نوٽيسز جاري ڪري ڇڏيا

Leave A Comment