| نينگر گهر ساڙي ڇڏيو، پيءُ جو رد عمل وائرل |
بيجنگ (انٽريسٽنگ نيوز) چين ۾ هڪ ٻار گهر ۾ راند ڪندي حادثاتي طور تي درجنين موبائل فون ساڙي ڇڏيا، پر سندس پيءُ جو رد عمل انٽرنيٽ تي وائرل ٿي ويو. پينگ جيڪو چيني شهر شينزين جو رهواسي آهي، موبائل فون وڪرو ڪندو آهي ۽ سندس گهر ۾ ڪيترائي ڊوائيس آهن. سندس 5 سالن جو ٻار گهر ۾ راند ڪري رهيو هو ته هن بجلي جي تار ۾ شارٽ سرڪٽ مان شعلا ڏٺا ۽ انهن مان رومال کي ساڙڻ شروع ڪيو. نتيجي طور باهه ورڪشاپ ۾ به پکڙجي وئي جتي موبائل فون رکيل هئا، جنهن سان لڳ ڀڳ 30 ڊوائيسز سڙي ويا. انهن سڀني جي قيمت 200,000 چيني يوآن (8.3 ملين پاڪستاني رپين کان وڌيڪ) هئي ۽ انهن جي انشورنس نه ڪئي وئي هئي. ٻار کي خدشو هو ته باهه سندس پيءُ تائين نه پهچي جيڪو ننڊ ڪري رهيو هو، تنهن ڪري هو پينگ جي ڪمري جو دروازو بند ڪري ٻئي ڪمري ۾ لڪي ويو. پينگ مقامي ميڊيا کي ٻڌايو ته منهنجي پٽ مون کي نه جاڳايو، پر منهنجي لاءِ ايئر ڪنڊيشنر آن ڪيو پر ان وقت تائين ورڪشاپ ۽ ٻيو ڪمرو سڙي چڪا هئا خوشقسمتيءَ سان، ٻار کي ڪو به نقصان نه پهتو ۽ باهه وسائڻ کان پوءِ فرش صاف ڪرڻ جي ڪوشش به ڪئي. جڏهن پينگ کي اها خبر پئي ته ٻار کي مارڻ بدران هن آرام سان چيو تون ٺيڪ آهين؟ جنهن تي ٻار خوف ۾ پنهنجو مٿو لوڏيو. پوءِ پينگ ٻار کي سيکاريو ته ڪيئن باهه وسائجي.