نيوزيلينڊ ويسٽ انڊيز  خلاف پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ 9 وڪيٽن تي 231 رنسون ٺاهي ورتيون

نيوزيلينڊ ويسٽ انڊيز  خلاف پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ 9 وڪيٽن تي 231 رنسون ٺاهي ورتيون

ڪرائسٽ چرچ(اسپورٽس نيوز) نيوزيلينڊ ۽ ويسٽ انڊيز وچ ۾ ٽيسٽ سيريز شروع ٿي وئي، پهرين ميچ ۾ ويسٽ انڊيز جي ٽيم ٽاس کٽي ميزبان نيوزيلينڊ جي ٽيم کي بيٽنگ جي دعوت ڏني،پهرين ڏينهن جي پڄاڻي تائين نيوزيلينڊ جون 231 رنسن تي 9 وڪيٽون ڪري پيون،زيڪ فولڪيز ۽ جيڪب ڊفي ڪريز تي موجود، ڪپتان ٽوم لاٿم ۽ ڊويون ڪانوي اوپنگ ڪئي، ڪانوي ٻڙي تي آئوٽ ٿي ويو، ليٿم 24، ڪين وليمسن 52،روندرا 3، يينگ 14، ٽام بلنڊل 29،بريسويل 47، نيٿن سمت 23 رنسون ٺاهي سگهيا،ويسٽ انڊيز طرفان ڪيمار روچ، اوجي شيلڊس ۽ جسٽن گريوس 2-2 جڏهن ته سيلز، چيس ۽ لين 1-1 وڪيٽ ورتي،پهرين ٽيسٽ ميچ جو ٻيو ڏينهن اڄ شروع ٿيندو