| نيوزيلينڊ ويسٽ انڊيز کي وڪوڙي وئي، اوپنرن جون سينچريون |
مائونٽ مينگنوئي (اسپورٽس نيوز) نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جا اوپنر ڊيون ڪانوي ۽ ٽام ليٿم ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ (ڊبليو ٽي سي) ۾ نئون رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو. نيوزيلينڊ ۽ ويسٽ انڊيز وچ ۾ ٽن ميچن تي ٻڌل ٽيسٽ سيريز جي آخري ميچ جي پهرئين ڏينهن نيوزيلينڊ ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ اوپنرز ڊيون ڪانوي ۽ ٽام ليٿم رڪارڊ اوپننگ پارٽنرشپ قائم ڪئي. ٻنهي وچ ۾ پهرين وڪيٽ تي 323 رنسن جي پارٽنرشپ قائم ٿي، جيڪا ڊبليو ٽي سي جي تاريخ جي سڀ کان وڏي اوپننگ پارٽنرشپ آهي. ڪپتان ٽام ليٿم 137 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو. پهرئين ڏينهن راند جي پڄاڻي تي نيوزيلينڊ هڪ وڪيٽ جي نقصان تي 334 رنسون ٺاهي ورتيون. ڊيون ڪانوي 178 رنسن تي ڪريز تي موجود آهي. نائٽ واچ مين جيڪب ڊفي 9 رنسن تي ناٽ آئوٽ آهي. اڪيلي وڪيٽ ڪيمر روچ جي حصي ۾ آئي.