نيوز اينڪر رنگين جورابن جو شوقين، 1531 انوکي ڪليڪشن

نيوز اينڪر رنگين جورابن جو شوقين، 1531 انوکي ڪليڪشن

واشنگٽن (انٽريسٽنگ نيوز) آمريڪا ۾ هڪ رٽائرڊ نيوز اينڪر وڏي تعدد ۾ رنگ برنگي جورابن جمع ڪرڻ جو گينيز ورلڊ رڪارڊ قائم ڪري ورتو. سي بي ايس فليڊيلفيا جي رٽائرڊ نيوز اينڪر جم ڊونوون ٻڌايو ته نوڪري دوران منهنجي رنگ برنگي جورابن کي ناظرين ڏٺو ۽ مداحن مون لاءِ جورابن جون نيون جوڙيون وڪڻڻ  شروع ڪري ڏنيون، انهن جوڙين ۾ ڪجهه تي منهنجو چهرو به ٺهيل هو. گينيز ورلڊ رڪارڊز ان جي مجموعي جي تصديق ڪئي  جنهن ۾ 1531 منفرد جوڙيون شامل آهن. هن گينيز ورلڊ رڪارڊ سان ڳالهائيندي چيو ته ڪيترن ئي ماڻهن منهنجي چهري ڍڪيل وارا جورابا ڪيترن ئي سالن تائين وڪرو ڪيا.