نيوسعيدآباد ۾ 2 نينگريون مبينا اغوا، الزام هيٺ آيل نوجوان جو والد گرفتار

جُولاءِ 21, 2023

نيوسعيدآباد (رپورٽر) نيوسعيدآباد واسي ٻه نينگريون مبينا اغوا، الزام ھيٺ آيل نوجوان جو پي گرفتار ڪيو ويو آهي

نيوسعيدآباد جي وارڊ 3 جي رھواسي پاڙيسري 12 ورهين جي ڪرن ڌي عبدالمجيد راجپوت ۽ 9 ورهين جي مريم ڌي افضل راجپوت گذريل ڏينھن پراسرار نموني گم ٿي ويون

نيوسعيدآباد ٿاڻي تي نينگرين جي وارثن سني پٽ مجنون حاجاڻو تي اغوا جي رپورٽ داخل ڪرائي جنهن بعد پوليس نوجوان سني جي پيءُ مجنون حاجاڻو کي گرفتار ڪري ورتو آھي

نينگرين جي والد ۽ سوٽ صحافين کي ٻڌايو ته اسان جي نينگرين کي جوابدار سني حاجاڻو اغوا ڪري ويو آھي جنھن ڪري سخت پريشان آھيون

نينگرين جي ماءُ  کي بيھوشي جا دورا پئجي رھيا آھن، پوليس اڃا تائين نينگرين کي آزاد ناهي ڪرايو، نينگريون آزاد ڪرايون وڃن

ايس ايچ او عبد الحق عمراڻي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو نينگريون گم ٿي ويون آھن اسان سندن بازيابي لاءِ ڪوششون ڪريون پيا، جلد بازياب ڪرايون وينديون

Leave A Comment