نيوسعيد آباد: سپاهي جي قتل جو عورت اهلڪار سوڌو 3 ڄڻن تي ڪيس داخل، ڏوهه جو مبينا اعتراف

نيوسعيد آباد: سپاهي جي قتل جو عورت اهلڪار سوڌو 3 ڄڻن تي ڪيس داخل، ڏوهه جو مبينا اعتراف

نيوسعيدآباد (ن پ ا) نيوسعيدآباد ٿاڻي جي رھائشي ڪوارٽر وٽان نوجوان پوليس ڪانسٽيبل فياض ٻلال جو گولي لڳل لاش ھٿ اچڻ واري واقعي جو ڪيس اھلڪار جي مامي شجاع محمد جي فرياد تي ليڊي پوليس ڪانسٽيبل نور بانو قمبراڻي، سندس ڀاڻيجي عجب گل قمبراڻي ۽ ھڪ نامعلوم تي نيوسعيدآباد ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو، ڪيس ۾ فريادي ڄاڻايو آھي ته فوتي پوليس ڪانسٽيبل فياض ٻلال جي ڊيوٽي گل فارم پوليس چوڪي تي ھئي، جتي سندس اوچتو طبعيت خراب ٿي پئي، ھن فون ڪري مونکي چيو ته ٿاڻي جي ڪوارٽر تي اچ، اتي پنھنجي سئوٽ شھمير ٻلال سان گڏ پھتس ته مون ڏٺو ته ڪوارٽر ٻاھران ليڊي پوليس ڪانسٽيبل نور بانو عجب گل ۽ ھڪ نامعلوم ساڻس وڙھي رھيا ھئا، اوچتو نور بانو فياض کان سرڪاري رائفل ڦري مٿس فائر ڪيو مٿي ۾ لڳو، جڏهن ته پوليس ليڊي ڪانسٽيبل نور بانو قمبراڻي ۽ سندس ڀاڻيجي عجب گل جي گرفتاري ظاھر ڪندي وڌيڪ جاچ لاءِ ھالا ڪورٽ مان ستن ڏينھن جو رمانڊ ورتو آھي، واضع رھي ته نيوسعيدآباد پوليس واقعي جي فوري بعد خودڪشي جو واقعو قرار ڏنو پر ڪانسٽيبل جا وارثن قتل جو خدشو ظاھر ڪندا رھيا جنھن بعد ايس ايس پي مٽياري عبدالعليم بلو نيوسعيدآباد ٿاڻي تي پھچي ليڊي اھلڪار سندس ڀاڻيجي ۽ ٻن ٻين اھلڪارن کي حراست ورتو هو، ذريعن موجب جاچ دوران جتي ليڊي اھلڪار مبينا طور قتل جو اعتراف ڪيو جنھن بعد ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو، ايس ايس پي مٽياري اھڙي تصديق به ڪئي آھي پوليس موجب جوابدار ليڊي ڪانسٽيبل تي مختلف ٿاڻن تي ڦر سميت ڪيترائي ڪيس داخل آھن ٽي سال اڳ شھداد پور ۾ دڪانن تان ڦرلٽ جو ڪيس به ان ۾ شامل آھي.