نيوسعيدآباد (ن پ ا) نيو سعيدآباد ويجھو ڳوٺ ڀلي ڏنو ڪاڪا ۾ پراڻي تڪرار تان قتل ٿيل ٻن ڀائرن شوڪت علي ۽ محبوب علي پٽ خير محمد ڪاڪا
جو قتل ڪيس نيو سعيدآباد ٿاڻي تي سڪندر علي پٽ شوڪت ڪاڪا جي فرياد تي داخل ڪيو ويو. ڪيس ۾ فريادي ڄاڻايو ويو ته 2017 ۾ صلاح الدين ڪاڪا منھنجي ڀيڻ کي اغوا ڪيو ھو
جيڪا ڪورٽ معرفت واپس ملي. فريادي جو چوڻ هو ته صلاح الدين ڪاڪا، علي نواز ڪاڪا، قمر الدين ڪاڪا ۽ نور الدين ڪاڪا وارن سان ٺاهه نه هو، اسان ڪورٽ حاضري تي وياسين
ته صلاح الدين ڪاڪا، قمر الدين ڪاڪا، علي نواز ڪاڪا، نور الدين ڪاڪا اوطاق تي حملو ڪري منهنجي والد شوڪت علي ڪاڪا ۽ چاچي محبوب علي ڪاڪا کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو