نيوسعيد آباد ۾ برف جي ڪارخاني اندر گئس سلينڊر ڌماڪي سان ڦاٽي پيو: نينگر سميت 4 پورهيت فوت

مارچ 19, 2024

نيوسعيدآباد(رپورٽ: محمد دين بلوچ) نيو سعيد آباد ۾ برف جي ڪارخاني اندر ڌماڪي جي نتيجي ۾ ٽن پورهيتن سميت 4 ڄڻا فوت ٿي ويا، فوتين ۾ معصوم نينگر به شامل آهي

شھر جي امداد سئنيما چوڪ تي بابو عمراڻي جي برف جي ڪارخاني اندر مرمتي ڪم دوران امونيم گئس جو سلينڊر  ڌماڪي سان ڦاٽي پيو، نتيجي ۾ ڪارخاني اندر ڪم ڪندڙ ٽي پورهيت مستري خان محمد ملاح، مٺو ماڇي ۽ علي بخش ڏاهري ۽ هڪ پاڙيسري معصوم 10 سالا نينگر ماجد سولنگي بيهوش ٿي ويا

بيھوش ٿيل مسترين مان ھڪ مستري خان محمد ملاح کي سخت زخمي حالت شھرين ھمت ڪري ڪارخاني مان ٻاهر ڪڍي تعلقا اسپتال منتقل ڪيو جتي سندس حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ سبب کيس حيدرآباد اسپتال نيو پئي ويو ته رستي ۾ ئي فوت ٿي ويو

ٻن پورهيتن مٺو ماڇي، علي بخش ڏاهري ۽ پاڙيسري معصوم نينگر ماجد سولنگي ڪارخاني اندر ئي فوت ٿي ويا جن جا لاش ڪارخاني مان ٻاهر ڪڍي تعلقي اسپتال آندا ويا جتي ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا

 پورھيت مستري علي بخش ڏاھري جو لاش اباڻي ڳوٺ ھالا موڪليو ويو لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو سندن وارث اڀ ڏاريندڙ دانھون ڪري روئندا رھيا کين رات دير سان اباڻن قبرستانن ۾ دفنايو ويو

 گيس سلينڊر ڦاٽڻ سبب ان مان  نڪرندڙ بدبوءِ سڄي شھر م ڦھلجي ويئي برف ڪارخاني جو ٺيڪيدار شيخ شبير پڻ واقعي واري ھنڌ بيھوش ٿي ويو

واقعي بعد نيو سعيدآباد جي شھرين جو وڏو انگ ڪارخاني جي ٻاھران ۽ اسپتال ۾ گڏ ٿي ويو ڪنھن اڻ وڻندڙ واقعي کي منھن ڏيڻ لاءِ پوليس جو وڏو انگ موجود ھو جڏهن ته واقعي سبب شھر ۾ سوڳ واري لهر ڇائنجي وئي

 رابطي تي ايس ايڇ او نيوسعيدآباد اشفاق منگي ٻڌايو ته اسان وٽ فوتين جي وارثن مان ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ڪير به نه پھتو آھي ڪنھن به وارث جي نه اچڻ جي صورت ۾ سرڪار پاران ڪيس داخل ڪيو ويندو

Leave A Comment