| نيوسعيد آباد ۾ جهيڙو، 4 رتورت، هڪ کي زوري زهر پيارڻ جو الزام |
نيو سعيدآباد(ن پ ا) نيو سعيدآباد جي مھراڻ ڪالوني ۾ ٻن ڌرين ڪاڪا ۽ ملڪ برادري جي وچ ۾ معمولي ڳالهھ تان جھيڙو ٿي پيو جنهن ۾ چار ڄڻا زخمي ٿي پيا، ھڪ کي زوري زھر پيارڻ جو الزام هنيو ويو زخمين ۾ وقار ملڪ جبران ملڪ احمد علي ملڪ ۽ موسيٰ ملڪ شامل آھن جن کي نيوسعيدآباد تعلقا اسپتال آندو ويو جتي ابتدائي طبي امداد ڏئي حالت نازڪ ھئڻ ڪري لمس اسپتال حيدرآباد اماڻيو ويو ملڪ برادري الزام ھنيو آھي ته اسان جي نوجوان کي پڪڙي زوري زھر پياريو ويو آھي اطلاع آھن ت نيوسعيدآباد پوليس ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آھي واقعي کان پوءِ علائقي ۾ خوف ۽ هراس پکڙجي ويو واقعي جو ڪيس داخل ن ٿيو آھي