| نيون شگرملون لڳائڻ تان پابندي ختم:آبادگار مرضي سان ڪمند وڪڻي سگهندا: حڪومت پاران کنڊ سيڪٽر مان ٻاهر نڪرڻ جو فيصلو |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) حڪومت آءِ ايم ايف جي شرط تحت کنڊ سيڪٽر مان نڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو. حڪومت کنڊ سيڪٽر کي ڊي ريگوليٽ ڪرڻ لاءِ جامع پلان جوڙي ورتو آهي. دستاويزن مطابق کنڊ واري سيڪٽر مان سرڪاري ڪنٽرول ختم ڪيو ويندو ۽ مارڪيٽ کي آزاد ڪيو ويندو. هارين کي ڪمند جي پوک بابت مڪمل آزادي حاصل هوندي، ڪنهن به زون يا مخصوص قسمن جي ڪا به پابندي لاڳو نه هوندي. هاري ڪنهن به شوگر مل کي ڪمند وڪرو ڪرڻ يا پاڻ گڙ ٺاهڻ ۾ آزاد هوندا.ڪمند جي قيمت جو تعين مارڪيٽ پاڻ ڪندي، جڏهن ته سرڪار طرفان مقرر ڪيل گهٽ ۾ گهٽ سرڪاري قيمت ختم ڪئي ويندي. هاري پنهنجي مرضي موجب ڪنهن به شوگر مل کي ڪمند وڪرو ڪري سگهندا. دستاويزن مطابق سال جا اٺ مهينا بند رهندڙ شوگر ملز هاڻي ٻاهران خام مال درآمد ڪري ان کي ريفائن ڪري کنڊ تيار ڪري سگهنديون. حڪومت کنڊ جي برآمد تي ڪا به سبسڊي نه ڏيندي. ملڪ ۾ نيون شوگر ملون لڳائڻ تي لاڳو پابندي پڻ ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. شوگر ملز کي کنڊ درآمد ڪري ريفائن ڪرڻ ۽ ٻيهر برآمد ڪرڻ جي اجازت هوندي.. شوگر ملز کي ڪمند يا ٻين خام مالن جي پروسيسنگ جي مڪمل آزادي حاصل هوندي. دستاويزن موجب کنڊ جي درآمد ۽ برآمد تي لڳايل سڀ پابنديون ختم ڪيون وينديون. هارين کي نقصان کان بچائڻ لاءِ پابندي پيل ڪمند جي قسمن جي فهرست پوک کان اڳ جاري ڪرڻ جي تجويز پڻ ڏني وئي آهي.