| نيو سعيد آباد: هٽايل ايس ايچ او جو جوابدار تي وحشياڻو تشدد، وڊيو وائرل |
نيوسعيدآباد(ن پ ا) نيوسعيدآباد ٿاڻي جي اڳوڻي ايس ايچ او نادر ڀٽي پاران مبينا جوابدار تي تشدد جي وڊيو وائرل ٿي وئي، اڳوڻي ايس ايچ او جي وائرل ٿيل وڊيو ۾ ڏسي سگھجي ٿو ته ھو پنھنجي آفيس ۾ ھڪ ھمراھ کي انسانيت سوز تشدد جو نشانو بڻائي رھيو آھي، معلوم ٿيو آھي ته وائرل ٿيل وڊيو ۾ چوري الزام ۾ گرفتار ڪيل ھمراھ کي سخت تشدد جو نشانو بڻائي رشوت عيوض آزاد ڪري ڇڏيو ھو، گذريل ڏينھن به مذڪورا ايس ايچ او خلاف مختلف سياسي سماجي تنظيمن ۽ ڪاڪا برادري جي اڳواڻن جھيڙي جي ڪيس ۾ گرفتار لالا رمضان ڪاڪا تي بي انتھا تشدد ڪري سندس تذليل ڪرڻ خلاف مھراڻ ھاءِ وي کان پريس ڪلب تائين سخت احتجاج ڪيو ويو ھو، ايس ايچ او کي ايس ايس پي مٽياري ڪجھه ڏينھن اڳ نيوسعيدآباد ٿاڻي تان ھٽائي مٽياري لائين بدلي ڪيو ھو، معلوم ٿيو آھي ته تشدد جو نشانو بڻيل گل حسن جمالي ڳوٺ عبدالحڪيم جمالي جو رهواسي آهي، جوابدار ٻڪري چوري ڪيس ۾ ضمانت تي هو، اڳوڻي ايس ايڇ او نيو سعيدآباد هن کي ڪورٽ کان ايندي گرفتار ڪري 4 ڏينهن تائين بنا ايف آءِ آر جي نيو سعيدآباد ٿاڻي تي رکي بي رحماڻو تشدد ڪيو، بعد ۾ مبينا طور هڪ لک رپيا وٺي کيس آزاد ڪيو.