نيو سعيد آباد ۾ڪيميڪل مان ٺهيل چانهه وڪرو ٿيڻ جو انڪشاف

جُولاءِ 25, 2023

نيوسعيدآباد (رپورٽر) نيو سعيد آباد ۾ ڪيميڪل مان ٺهيل چانهه وڪرو ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، سوشل ميڊيا تي وڊيو وائرل ٿي وئي

نيوسعيدآباد ٽول پلازا تي ھلندڙ ھوٽلن تي زھريلي ڪيميڪل مان ٺھيل چانھه وڪري ٿيڻ جي شڪايت ۽ ڪيميڪل ٺاھڻ جي وڊيو وائرل ٿيڻ جو سنڌ فوڊ اٿارٽي جي ڊائريڪٽر حيدرآباد سيد غلام رسول شاھ نوٽيس ورتو

سندس ھدايت تي فوڊ سيفٽي آفيسر شرف الدين منگريو، جھانگير چنا جي اڳواڻي ۾ ٽيم ھوٽلن تي پھچي کير جا سيمپل ورتا ۽ ڄامشورو  ليبارٽري ۾ ٽيسٽ ڪرائڻ لاءِ پاڻ سان گڏ کڻي ويا

فوڊ انسپيڪٽر جھانگير چنا ٻڌايو ته ڊائريڪٽر حيدرآباد فوڊ اٿارٽي سنڌ کي شڪايتن ملڻ بعد سندن خصوصي ھدايتن تي ڪارروائي ڪندي ٽول پلازا تي قائم  سمورن ھوٽلن تان کير جا سيمپل ورتا آھن جيڪي ليبارٽري مان چيڪ ڪرايا ويندا

هن چيو ته صحت لاءِ هاڃيڪار کير ثابت ٿيڻ جي صورت ۾ ھوٽلن مالڪن مٿان ايف آءِ آر داخل ڪرائي ويندي ۽ مٿن ڏنڊ به لڳايو ويندو

Leave A Comment