| نيو ڇور ۾ بي پي ايل سيزن ٿري جو فائنل گرين اسٽار ڪرڪيٽ ڪلب کٽي ورتو |
نيوڇور( اسپورٽس نيوز)نيوڇور لڳ ڳوٺ سڻوھي ۾ ڪرايل بجير پريمئر ليگ ( بي پي ايل) سيزن ٿري ٽيپ بال ڪرڪيٽ ليگ ٽورنامنٽ جو فائنل ميچ گرين اسٽار ڪرڪيٽ ڪلب سڻوھي ۽ ايور شاھين ڪرڪيٽ ڪلب سڻوھي وچ ۾ ٿيو، گرين اسٽار ڪرڪيٽ ڪلب پھرين بيٽنگ ڪندي مقرر 8 اوورن ۾ 130 رنسون 6 وڪيٽن جي نقصان ته ٺاھيون، جنھن ۾ اڳم ڪمار بجير 35 ۽ مولچند بجير 32 رنسون ٺاھيون، جواب ۾ ايور شاھين ڪرڪيٽ ڪلب مقرر اوورن ۾ 124 رنسون ٽن وڪيٽن جي نقصان ته ٺاھي سگھي، اھڙي طرح گرين اسٽار ڪرڪيٽ ڪلب 6 رنسن تان فائنل کٽي ورتو، ايور شاھين ڪرڪيٽ ڪلب طرفان جسونت ڪمار 85 رنسون ٺاھيون، آخر ۾ مھمان خاص موھن لال، لوڻو مل، آسن داس ڀاٽي، استاد ھيرالال، ڌرمداس ھيراڻي، ڊاڪٽر دليپ ڪمار، موھن لال، صحافي وفا درجن، ڊاڪٽر پرشوتم ۽ ٻين پاران ونر ٽيم جي ڪيپٽن تيرٿ ڪمار کي ونر ٽرافي ۽ ڪيش پرائز، رنر ٽيم جي ڪيپٽن ساگر بجير کي رنر ٽرافي ۽ ڪيش پرائز، مين آف دي ميچ جسونت ڪمار، مين آف دي سيريز تيرٿ ڪمار، بيسٽ بيٽسمين جسونت بجير، بيسٽ بالر چندن ڪمار، بيسٽ وڪيٽ ڪيپر تيرٿ بجير بيسٽ امپائر راجا بجير ۽ ڪپيل ديو کي بيسٽ اسڪورز قرار ڏنو ويو