| نيو ڪراچي ۾ فائرنگ: متحده سان لاڳاپيل واٽر بورڊ ملازم قتل |
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) نيو ڪراچي ۾ چانهه جي هوٽل تي فائرنگ، ايم ڪيو ايم سان لاڳاپيل واٽر بورڊ جو ملازم قتل، پوليس موجب موٽرسائيڪل سوار نامعلوم هٿياربندن عالم پرائيڊ ويجهو ويٺل ماڻهن تي انڌاڌنڌ فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ شهزاد سخت زخمي ٿي پيو. جنهن اسپتال ۾ دم ڏنو، واقعو ظاهري طور تي ٽارگيٽ ڪلنگ جو نتيجو آهي. واقعي واري هنڌ تان 9 ايم ايم پستول جا چار خول هٿ ڪيا ويا. ٻئي طرف ايم ڪيو ايم جي ترجمان موجب مقتول شهزاد نيو ڪراچي جي يوسي 8 جو جوائنٽ انچارج هو، حڪومت کان مطالبو آهي ته ڪراچي ۾ امن امان جي بحالي ۽ شهرين جي جان ۽ مال جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي.