نيٺ ته  ٿيندو سوجھرو رھڻي ناھي رات

                 پاڪستان جي ٺهڻ کان وٺي هيستائين، اسان ٻڌندا ۽ پڙهندا پيا اچون ته ملڪ هڪ نازڪ دور مان گذري رهيو آهي، پر اهو نه ٿو ٻڌايو وڃي ته پياري پاڪستان کي هن نازڪ صورتحال ۾ ڪنھن ۽ ڪئين آندو آھي ۽ ان صورتحال مان ڪئين ڪڍي سگهجي ٿو. بدقسمتي سان 1947 کان وٺي ھيل تائين، حڪومتون، چهرا، پارٽيون ۽ جهنڊا ته بدلجندا رهيا آهن، پر ملڪ ۽ قوم جي صورتحال بھتر ٿيڻ بدران ويتر خراب ٿيندي پئي وڃي. چيو پيو وڃي ته جڏهن پاڪستان ٺهيو هو، هڪ ڊالر هڪ رپئي جو هو، پر هاڻي ھن ٽن سوَن کي وڃي ڌڪ ھنيو آهي. مثالي امن هو، پر هاڻي ماڻهو ڏينهن رات غير محفوظ آهن. ڪراچي سميت سموري سنڌ وڏن شهرن جا رستا پاڻي سان ڌوتا ويندا هئا، رستا ۽ شهر صاف ۽ رستا ويڪرا هئا، پر هاڻي روڊن تي کڏا آهن ۽ شهر گندگي جي ڍير ۽ موئن جو دڙو جو منظر پيش ڪري رهيا آهن.  سنڌ جي هڪ اداڪار مصطفى قريشي ڪراچي ۾ نماز فجر کان پوءِ واڪ ڪندي روڊ جي کڏن سبب ڪري پوڻ ۽ گوڏن ۾ فريڪچر اچڻ مثال آھي. سنڌ صوبي جا ماڻهو سڀ کان وڌيڪ اذيتناڪ صورتحال کي منهن ڏئي رهيا آهن. پر ان جي باوجود پيپلز پارٽي جي چيئرمين جناب بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ آهي ته اسان جو مقابلو ڪنهن به ٻئي صوبي سان نه پر ترقي يافته ملڪن سان آهي!

هن صورتحال کي نظر ۾ رکندي، جتي هر هنڌ مايوسي ۽ نااميدي آهي، بدامني، ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي ۽  بيروزگاري جي ڪري عوام ماني جي ٻن ويلن لاءِ پريشان، عدم تحفظ جو احساس خاص طور نوجوان پنهنجو مستقبل اونداهو ڏسي مايوس جو شڪار آھن. ان صورتحال ۾ جمعي يعني اڄ 21 کان 23 نومبر تائين ملڪ جي تاريخي ھنڌ مينار پاڪستان جي پاڇي هيٺ بدلايو نظام جي نعري هيٺ ملڪ گير اجتماع عام ڪوٺايو ويو آهي. 21 کان 23 نومبر تائين لاهور ۾ ٿيندڙ هيءَ 16هون عوامي اجتماع هوندو. هن اجتماع جي انتظامي مامرن  لاءِ 50 مختلف ڪميٽيون ۽ 14 نائب ناظم مقرر ڪيا ويا هئا. جن پنهنجي ڀرپور ڪوششن ذريعي اجتماع ۾ ايندڙ مهمانن لاءِ هر ضروري سهولت فراهم ڪرڻ جو بندوبست ڪيو آهي.

ڇا اها ھڪ حقيقت ناهي ته گذريل 78 سالن کان، ملڪ تي مسلط ڪيل ڪرپٽ حڪمرانن، اشرافيه، جنرلن ۽ بيوروڪريسي عام پاڪستاني کي ظلم، ناانصافي، جعلي چونڊن ۽ طبقاتي نظام جي بار هيٺان دٻائي رکيو آهي. تازو 26 ۽ 27هين ترميم ذريعي حڪمرانن آئين ۽ قانون جا سمورا ليڪا لتاڙي ڇڏيا آهن. هاڻي وقت اچي ويو آهي ته هن مُدي خارج طبقاتي نظام کي تبديل ڪيو وڃي. اڄ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته پاڪستان جو هر شهري ناانصافي، ظلم ۽ طبقاتي نظام کي تبديل ڪرڻ لاءِ ٻانھن ٻيلي ٿئي ته جئين عوام جي دردن جو درمان ٿي سگھي.

مکيه ڳالهه اها آهي ته پاڪستان کي هن وقت جنهن رستي جي ضرورت آهي، اها صرف چهرن جي تبديلي نه پر نظام ۽ سوچ جي تبديلي آهي. هي تبديلي تڏهن ايندي آهي جڏهن ڪا تحريڪ عوام جي سامهون هڪ اهڙو عمل جو منصوبو پيش ڪري ٿي جيڪو انصاف، شفافيت، خودمختياري ۽ بااختيار جمهوريت تي ٻڌل هجي. مينار پاڪستان تي هي اجتماع هن طرف هڪ فيصلو ڪندڙ شروعات ٿي سگهي ٿو، جيڪڏهن ماڻهو هن عملي ۽ نظرياتي جدوجهد جو حصو بڻجڻ جو فيصلو ڪن. پاڪستان جي تقدير بدلائڻ لاءِ ضروري آهي ته اسان پنهنجي چوڌاري سياسي روايتن ۽ خانداني اجارداري جي ڀتين کي ٽوڙي ڇڏيون ۽ هڪ اهڙي تحريڪ جي حمايت ڪريون جنهن جي پويان ڪردار، اصول، ذهني بنياد ۽ واضح هدايت هجي. باقي قوم کي فيصلو ڪرڻو آهي ته اها مايوسي جي اونداهي ۾ رهڻ چاهي ٿي يا مڪمل پاڪستان ۽ نئين نسل جي مستقبل لاءِ صحيح رخ ۾ اڳتي وڌڻ چاهي ٿي.

نيٺ ته  ٿيندو سوجھرو رھڻي ناھي رات.