تازا ترين
  • *ڊاڪٽر ماها ڪيس مان ڊاڪٽر عرفان قريشي جو نالو ڇو خارج ڪيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ڊاڪٽر ماها ڪيس جي جاچ آفيسر تي ڪاوڙ جو اظهار*
  • *رمضان شگر ملز ڪيس ۾ حمزه شهباز جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *بلين ٽري سونامي پروگرام ڪير پيو هلائي، ڪٿي به ڪو وڻ ناهي پوکيو ويو، سپريم ڪورٽ بلين ٽري سونامي پروگرام جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو*
  • *اسٽيل ملز جا ملازم جبري برطرف ڪرڻ خلاف سراپا احتجاج بڻيل*ملير ۾ اسٽيل ملز جي مُک گيٽ آڏو وڏي تعداد ۾ ملازمن جو ڌرڻو، برطرف ٿيل ملازمن کي بحال ڪرڻ جو مطالبو*

نيٺ ٿيندو ڇا ؟… بلاول جو نواز شريف بابت بيان: سوشل ميڊيا تي بحث

پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي نواز شريف بابت ڏنل بيان کانپوءِ سوشل ميڊيا تي به بحث شروع ٿي ويو آهي، پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو نوازشريف پاران گوجرانوالا جلسي دوران آرمي چيف ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ تي سڌي ريت چونڊن ۾ ڌانڌلي ۽ عمران خان کي اقتدار ۾ آڻڻ جي الزامن بابت چيو آهي ته فوجي قيادت جو نالو وٺڻ نوازشريف جو ذاتي فيصلو هو، گوجرانوالا جلسي ۾ سندس تقرير ٻڌي ڌچڪو لڳو، يقين آهي ته نوازشريف بنا ثبوتن جي نالا نه کنيا هوندا، انتظار آهي ته هو ڪڏهن ثبوت پيش ڪندو. ان بيان بابت اصغر سومرو پوسٽ شيئر ڪئي جنهن تي اشفاق آذر لکيو ته سياسي اتحاد ٺهڻ ڏکيو، برقرار رکڻ تائين وڌيڪ ڏکيو هوندو آهي، بلاول کي اهو چوڻ گهرجي ها ته نواز شريف جيڪو ڪجهه چيو ۽ ڇو چيو اهو ان کان پڇو، موجوده حالتن ۾ اسٽيبلشمينٽ وٽ بچاءَ جو ان کانسواءِ ٻيو ڪو آپشن ناهي ته پي ڊي ايم ۾ ڏار وڌا وڃن، بلاول جو گلگت بلتستان ۾ وڏو سياسي اسٽيڪ لڳل آهي، پ پ هونئن به ڏي وٺ واري فارمولا جي قائل رهي آهي، امر سنڌو لکيو ته رڳو بلاول نه پر ڪيترن ئي ليگين کي به ڌچڪو لڳو آهي، اتحاد کي ڪجهه نه پيو ٿئي، فاروق سومرو لکيو ته اهو پورو انٽرويو پڙهو، صائمه وهاب لکيو ته بلاول کي آسرو مليو هوندو، ذلفي ناٿن شاهه لکيو ته ايئن ٿيڻو هو، ثاقب ابڙو لکيو ته گلگت بلتستان کپي، منظور ميراڻي لکيو ته اوهان شاڪ نه ٿجو، جمال خان ڪالادي لکيو ته سياسي نابالغ ٻيو ڪير هوندو، مهراڻ ميمڻ لکيو ته ان بيان جو سڄو سبب گلگت جون چونڊون آهن، اعجاز خان لکيو ته بيڪ ڊور ڊپلوميسي آهي، محبوب علي سومرو لکيو ته لڳي ٿو ته ڪو آسرو مليو آهي، هالار آريجو لکيو ته بلاول انٽرويو ۾ چيو آهي ته نواز شريف بنا ثبوت جي اهڙي ڳالهه نه ڪئي هوندي، امداد سيلرو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته پيپلزپارٽي پي ڊيم ايم کان ڌار ٿي ويندي يا نواز ليگ پ پ کان رستا ڌار ڪندي، اهڙيون ڳالهيون ڪيون پيون وڃن.رحمت الله ماڃوٺي لکيو ته اصولي طور بنا اعلان جي پي ڊي ايم ڪراچي واري جلسي ۾ ئي ٽٽي چڪي هئي.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *