| نيٽو اسپين جي نيڪالي جو آمريڪي مطالبو رد ڪري ڇڏيو |
برسلز (م ڊ) يورپي ملڪن جي فوجي اتحاد نيٽو اسپين کي خارج ڪرڻ جو آمريڪي مطالبو رد ڪندي چيو آهي ته فوجي اتحاد مان ڪنهن به ميمبر کي معطل ڪرڻ يا خارج ڪرڻ جي ڪا به شق ناهي. ياد رهي ته هڪ رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته آمريڪا ايران جنگ تي پنهنجي موقف تي اسپين جي ميمبرشپ معطل ڪرڻ تي غور ڪري سگهي ٿو. پينٽاگون جي هڪ اندروني اي ميل ۾ اتحادين کي سزا ڏيڻ جي قدمن تي بحث ڪيو ويو آهي جن آمريڪي فوجي مهم جي حمايت نه ڪئي. نيٽو جي هڪ آفيسر بي بي سي کي ٻڌايو ته اتحاد جي باني معاهدي ۾ نيٽو جي ميمبرشپ کي معطل ڪرڻ يا ختم ڪرڻ جي ڪا به گنجائش ناهي. اسپين جي وزيراعظم پڻ رپورٽ کي رد ڪري ڇڏيو آهي.