| نيٽ فليڪس رپورٽ: نفسياتي ٿرلر”His & Hers “ 104 ملين ويوز سان اول نمبر قرار |
لاس اينجلس (ڪلچرل ڊيسڪ) نيٽ فليڪس سال 2026 جي پهرين ڇهه ماهي مڪمل ٿيڻ تي پنهنجي تازي ويوئرشپ رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن موجب واهپيدارن مجموعي طور تي 97 ارب ڪلاڪ نيٽ فلڪس جو مواد ڏٺو. رپورٽ موجب نفسياتي ٿرلر ”His & Hers “ 104 ملين ويوز سان سڀ کان وڌيڪ ڏٺي ويندڙ اوريجنل ويب سيريز رهي. ان سيريز ۾ ٽيسا ٿامپسن ۽ جان برنٿل مرڪزي ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، جتي هڪ قتل جي جاچ اڳوڻي مڙس ۽ زال کي ٻيهر آمهون سامهون کڻي اچي ٿي. رومانوي ڊرامي “Bridgerton” جو چوٿون سيزن 100.2 ملين ويوز سان ٻئي نمبر تي رهيو، جڏهن ته سام ورٿنگٽن جي ٿرلر I Will Find You” وري 63.9 ملين ويوز سان ٽيون نمبر حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب وئي.نيٽ فليڪس جي مقبول سائنس فڪشن سيريز “Stranger Things” جو پنجون ۽ آخري سيزن 55.6 ملين ويوز سان چوٿين نمبر تي رهيو، جڏهن ته ٿرلرRun Away” وري 50.3ملين ويوز سان پنجين پوزيشن تي رهي. نيٽ فليڪس جي رپورٽ موجب 2026 ۾ به ٿرلرز، رومانوي ڪهاڻيون ۽ سائنس فڪشن سيريز سڄي دنيا جي ڏسندڙن جي پهرين پسند رهيون، جن ڪروڙين ويوز حاصل ڪيا.