نيٽ فليڪس پاران به لياري تي سيريز ٺاهڻ جون تياريون 

نيٽ فليڪس پاران به لياري تي سيريز ٺاهڻ جون تياريون 

ڪراچي(ڪلچرل ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير نبيل گبول دعويٰ ڪئي آهي ته نيٽ فليڪس لياري تي هڪ سيريز ٺاهڻ چاهي ٿي، آئون انهي ۾ مکيه ڪردار ادا ڪندس، ميڊيا موجب نبيل گبول دعويٰ ڪئي آهي ته عالمي اسٽريمنگ پليٽ فارم نيٽ فليڪس لياري تي هڪ سيريز ٺاهڻ تي ڪم ڪري رهيو آهي. نبيل مطابق، تجويز ڪيل پراجيڪٽ ٽن سيزن تي مشتمل هوندو، جيڪو  لياري جي حقيقي سماجي ڍانچي، سياسي تڪرارن، طاقت جي مرڪزن ۽ زميني حقيقتن کي اجاگر ڪندو. نبيل گبول جو چوڻ آهي ته نيٽ فليڪس جي پراڊڪشن ٽيم ساڻس رابطو ڪيو آهي، اها لياري پراجيڪٽ تي اڳڀرائپ لاءِ مارچ ۾ پاڪستان اچڻ جو ارادو رکي ٿي. نبيل موجب نيٽ فليڪس لياري سيريز  ۾مشهور برازيلي اداڪار ويگنر مورا کي ڪاسٽ ڪرڻ ۾ دلچسپي ڏيکاري آهي،