| نيٽ فليڪس 38 سال پراڻو زخم کولي ڇڏيو: “بامبنگ آف پين ايم 103” جو ٽريلر جاري |
ڪيليفورنيا (ڪلچرل ڊيسڪ) نيٽ فليڪس 38 سال کانپوءِ دنيا جي خوفناڪ حادثي ’دي بامبنگ آف پين ايم 103‘تي ٻڌل سيريز جو ٽريلر جاري ڪري ڏسندڙن کي پنهنجي سحر ۾ جڪڙي ورتو آهي. حقيقي واقعي تي ٻڌل هن سنسني خيز سيريز ۾ جاچ جا انڪشاف پهريون ڀيرو نئين انداز ۾ سامهون ايندا. دنيا جي خطرناڪ فضائي سانحن ۾ شمار ٿيندڙ ‘لوڪربي بم ڌماڪي’ جي ڪهاڻي هڪ ڀيرو ٻيهر اسڪرين تي اچڻ لاءِ تيار آهي. ان ڏکوئيندڙ واقعي کي عالمي اسٽريمنگ پليٽ فارم نيٽ فليڪس پنهنجي نئين محدود (limited) سيريز ذريعي سڄي دنيا جي ڏسندڙن تائين پهچائي رهيو آهي. 6 قسطن تي ٻڌل هيءَ سيريز 1988ع ۾ پيش آيل واقعي تي ٻڌل آهي، جنهن ۾ پين ايم فلائيٽ 103 اسڪاٽ لينڊ جي شهر لوڪربي مٿان بم ڌماڪي سان تباهه ٿي وئي هئي، جهاز ۾ سوار 270 مسافر پنهنجون جانيون وڃائي ويٺا هئا. رپورٽن موجب تازو جاري ٿيل ٽريلر مان اندازو ٿئي ٿو ته سيريز نه صرف وڏي پيماني تي فلمائي وئي آهي پر ان ۾ جذباتي گهرائي ۽ سنسني خيز جاچ وارن رخن کي به نمايان ڪيو ويو آهي.
سيريز جي ڪاسٽ ۽ اهم ڪردار
سيريز ۾ ڪيترائي نامور اداڪار اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندي نظر ايندا:
ڪونر سوِنڊلز – پوليس آفيسر ايڊ ميڪ ڪَسڪر جي ڪردار ۾
پيٽرڪ جي ايڊمز – ايف بي آءِ (FBI) ايجنٽ ڊڪ مارڪيز جي ڪردار ۾
ميليٽ ويور – ڪيٿرين ٽرمن جي ڪردار ۾
پيٽر مولن، ٽوني ڪرن، ايڊي مارسن، فِلس لوگن، لارين لائل ۽ ڊگلس هوج به اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.
جاچ جي عمل تي خاص ڌيان
هن سيريز جي خاص ڳالهه اها آهي ته اها ماضي ۾ لوڪربي سانحي تي ٺهندڙ ڊرامائي پيشڪشن جي برعڪس، متاثر خاندانن بدران جاچ ڪندڙ ٽيمن جي جاکوڙ تي وڌيڪ ڌيان ڏئي ٿي. ڪهاڻي اسڪاٽ لينڊ ۾ واقعي واري هنڌ تان ثبوت گڏ ڪرڻ سان شروع ٿئي ٿي ۽ 2000ع ۾ ٿيندڙ تاريخي ڪيس مان گذرندي 2022ع ۾ سامهون ايندڙ تازي فردِ جرم تائين پهچي ٿي.
ليکڪا گيلين راجر پارڪ موجب هن منصوبي جو مقصد صرف هڪ سانحو بيان ڪرڻ ناهي، پر ماڻهن کي پنهنجي تاريخ بهتر انداز ۾ سمجهڻ جو موقعو فراهم ڪرڻ آهي..
سيريز جي موسيقي اسڪاٽلينڊ جي مشهور پوسٽ راڪ بينڊ ’موگوائي‘ (Mogwai) ترتيب ڏني آهي، جڏهن ته سمورن 6 قسطن جي هدايتڪاري مائيڪل ڪيلر ڪئي آهي.
دلچسپ ڳالهه اها آهي ته هيءَ سيريز اهڙي وقت ۾ رليز ٿي رهي آهي، جڏهن هن ڪيس جي هڪ مشڪوڪ جوابدار خلاف قانوني ڪارروائي اڃا تائين جاري آهي. اهو ئي سبب آهي جو تقريبن چار ڏهاڪا گذرڻ جي باوجود اهو واقعو رڳو تاريخ جو حصو ناهي، پر متاثر خاندانن لاءِ اڄ به هڪ کليل ڦٽ سمجهيو وڃي ٿو.
’The Bombing of Pan Am 103‘ جون سموريون ڇهه قسطون 30 جولاءِ تي نيٽ فلڪس تي عالمي سطح تي رليز ڪيون وينديون