| نيپال جي جين زي پنهنجي ئي آندل عبوري حڪومت مان مايوس |
کٽمنڊو(م ڊ) نيپال ۾ ڪرپشن خلاف هڪ نوجوان تحريڪ حڪومت جو تختو اونڌو ڪري ڇڏيو، پر هاڻي اهي ئي نوجوان عبوري حڪومت مان مايوس ٿي ويا آهن ۽ عبوري حڪومت پنهنجن واعدن کي پورو نه ڪرڻ جا الزام هنيا پيا وڃن. جنريشن زي مطالبو ڪيو ته بدعنوان سياستدانن کي جيل موڪليو وڃي ۽ انهن جي اثاثن جو احتساب ڪيو وڃي، پر عبوري حڪومت اڃا تائين ڪنهن به وڏي سياسي اڳواڻ خلاف ڪارروائي ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي. مارچ 2026 ۾ ٿيندڙ چونڊن بابت نوجوانن جي مختلف گروهن ۾ اختلاف آهن. ڪجهه جو خيال آهي ته احتساب کان سواءِ چونڊون صرف هڪ رسم هونديون.