نيپرا بجلي مهانگي ڪري ڇڏي: في يونٽ 42 رپيا 72 پيسا ٿي وئي

جُولاءِ 26, 2023

اسلام آباد(پنهنجي ڊيسڪ) نيپرا حڪومتي درخواست تي بجلي مهانگي ڪري ڇڏي، بجلي جا بنيادي ٽيرف وڌائڻ جو فيصلو جاري ڪيو ويو آهي

گهريلو واهپيدارن لاءِ بجلي 42 رپيا 72 پئسا في يونٽ ٿي وئي، 200 يونٽس تائين پروٽيڪٽيڊ واهپيدارن لاءِ بجلي مهانگي نه ڪئي وئي، نان پروٽيڪٽيڊ واهپيدارن لاءِ 100 يونٽ تائين بجلي 3 رپيا مهانگي ڪئي وئي

جاري ڪيل 101 کان 200 يونٽس تائين نان پروٽيڪٽيڊ گهريلو واهپيدارن لاءِ بجلي 4 رپيا في يونٽ مهانگي، 201 کان 300 يونٽ جي واهپيدارن لاءِ بجلي 5 رپيا في يونٽ مهانگي ڪئي وئي

Leave A Comment