نيپرا نيٽ ميٽرنگ جي رجسٽريشن روڪڻ جو نوٽيس ورتو: سمورين ڊسڪوز کان تفصيل طلب

نيپرا نيٽ ميٽرنگ جي رجسٽريشن روڪڻ جو نوٽيس ورتو: سمورين ڊسڪوز کان تفصيل طلب

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) بجلي ڪمپنين ۾ نيٽ ميٽرنگ جي نئين درخواستن جي رجسٽريشن روڪڻ وارو معاملو سامهون اچي ويو. نيپرا نيٽ ميٽرنگ جي رجسٽريشن روڪڻ واري معاملي جو سخت نوٽيس ورتو آهي. نيپرا سڀني ڊسڪوز کان نيٽ ميٽرنگ بابت تفصيل طلب ڪري ورتا آهن. نيپرا طرفان ڪي اليڪٽرڪ سميت سڀني ڊسڪوز کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن. نيپرا مطابق اٿارٽي جي مشاهدي ۾ آيو آهي ته نئين نيٽ ميٽرنگ رجسٽريشنز روڪيون ويون آهن. نئين درخواستن جي رجسٽريشن روڪڻ انتهائي ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي. نيٽ ميٽرنگ جون درخواستون روڪڻ موجوده قانونن جي به ڀڃڪڙي آهي، نيپرا سڀني ڊسڪوز کي هدايت ڪئي آهي ته ٽن ڪم وارن ڏينهن اندر سمورا تفصيل فراهم ڪيا وڃن. نيپرا هن معاملي کي موسٽ ارجنٽ بنيادن تي وٺڻ جي هدايت ڪئي آهي.