نيپرا پاران 800 ميگاواٽ بجلي مسابقتي مارڪيٽ وڪري جي منظوري

نيپرا پاران 800 ميگاواٽ بجلي مسابقتي مارڪيٽ وڪري جي منظوري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نيپرا پاران مسابقتي مارڪيٽ آپريشنز بابت اهم فيصلو جاري ڪيو ويو آهي، جنهن کي توانائي واري وزير اويس لغاري بجلي سڌارن جو اهم سنگ ميل قرار ڏنو آهي۔ وفاقي وزير اويس لغاري چيو ته هن قدم سان سنگل بائر ماڊل کان مسابقتي بجلي مارڪيٽ ڏانهن منتقلي جو عمل شروع ٿيندو، جيڪو حڪومت جي اهم سڌارن جو حصو آهي۔ هن چيو ته 800 ميگاواٽ بجلي جي طلب کي مرحليوار طور ٻه طرفي معاهدن (ٽو وي ڪنٽريڪٽنگ) ڏانهن منتقل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي، جڏهن ته بجلي جي خريداري شفاف ۽ خودڪار مسابقتي نيلامي ذريعي ڪئي ويندي۔ توانائي واري وزير موجب مسابقتي مارڪيٽ آپريشنز اعلان ڪيل سڌارن کي عملي جامو پارائڻ ڏانهن هڪ اهم اڳڀرائي آهي، جنهن سان پاور سيڪٽر ۾ شفافيت، بهتر گورننس ۽ سيڙپڪاري کي هٿي ملندي۔ حڪومت جو مقصد هڪ قابل اعتماد، موثر ۽ مستقبل جي ضرورتن سان هم آهنگ بجلي جو نظام قائم ڪرڻ آهي، جڏهن ته مسابقتي بجلي مارڪيٽ سان ڊگهي مدي واري معاشي ترقي ۽ صاف توانائي کي پڻ فروغ ملندو۔