| نيپرا کي 25 يا ان کان گهٽ ڪلو واٽ سولر صارفين لاءِ في ختم ڪرڻ ۽ لائسنس تي نظرثاني جي هدايت |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) توانائي واري وزير سردار اويس احمد خان لغاري جي هدايت تي پاور ڊويزن نيپرا کي 25 يا 25 ڪلو واٽ کان گهٽ سولر صارفين لاءِ فيس ختم ڪرڻ ۽ لائسنس جي ضرورت نه هئڻ بابت نظرثاني لاءِ باضابطه چئي ڇڏيو آهي. وفاقي وزير توانائي سردار اويس احمد خان لغاري جي هدايت تي پاور ڊويزن نيپرا کي 25 ڪلو واٽ کان گهٽ سولر صارفين لاءِ فيس ختم ڪرڻ ۽ لائسنس جي ضرورت نه هئڻ بابت نظرثاني لاءِ باضابطه چيو آهي. پاور ڊويزن جي اداري اڳ به هن فيصلي جي نقصانڪار اثرن بابت نيپرا کي آگاهه ڪيو هو ۽ ان کي پراڻن ضابطن موجب ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي. 2015ع جي پراڻن ضابطن تحت 25 ڪلوواٽ يا ان کان گهٽ گنجائش وارن نظامن لاءِ نيپرا کان لائسنس جي ضرورت نه هئي. هن زمري جون درخواستون سڌي ريت ورڇ ڪار ڪمپنين وسيلي بنا فيس جي پروسيس ٿينديون هيون، جيڪو گهريلو صارفين لاءِ وڏي مالي همٿ افزائي جو سبب هو۔ پر نئيم پروزيومر ريگوليشنز ننڍن پلانٽن لاءِ به منظوري جو اختيار نيپرا کي ڏنو ويو آهي ۽ انهن تي درخواستي فيس به لاڳو ڪئي وئي آهي. پاور ڊويزن ٻڌايو ته پرائيويٽ پاور اينڊ انفراسٽرڪچر بورڊ پڻ هن تبديلي تي ڳڻتي ظاهر ڪئي هئي ۽ نيپرا کان مطالبو ڪيو هو ته 25 ڪلوواٽ يا ان کان گهٽ نظامن لاءِ پراڻو منظوري وارو نظام برقرار رکيو وڃي. ان کانسواءِ عوامي ٻڌڻي دوران پاڪستان سولرايسوسيئيشن، پريميج پرائيويٽ لميٽيڊ، پاڪستان آلٽرنيٽو انرجي ايسوسيئيشن ۽ صديق رينيوبل انرجي پرائيويٽ لميٽيڊ به باضابطه طور انهن تبديلين تي اعتراض ڪيو هو. انهن جو چوڻ هو ته تقسيم ڪار ڪمپنين کان منظوري جو اختيار کسي صارفين لاءِ غير ضروري بيوروڪريٽڪ رڪاوٽون پيدا ڪيون پيون وڃن. وزير توانائي جي هدايت تي عمل ڪندي پاور ڊويزن هاڻي نيپرا کان باضابطه درخواست ڪئي آهي ته 25 ڪلوواٽ يا ان کان گهٽ نظامن لاءِ پراڻو طريقو بحال ڪيو وڃي ۽ خبردار ڪيو آهي ته موجوده طريقيڪار قومي سطح تي قابل تجديد توانائي کي هٿي ڏيڻ جي ڪوششن ۾ رڪاوٽ بڻجي سگهي ٿو۔