نڪاح ٿيو يا نه ؟ فرح سعديه ۽ توثيق حيدر پاران مُوڙو طلب

نڪاح ٿيو يا نه ؟ فرح سعديه ۽ توثيق حيدر پاران مُوڙو طلب

لاهور (ڪلچرل نيوز)  پاڪستاني شوبز انڊسٽري سان لاڳاپيل نامور ميزبان ۽ اداڪار توثيق حيدر ۽ اداڪارا فرح سعديه سوشل ميڊيا تي پنهنجي نڪاح بابت گردش ڪندڙ خبرن کي رد ڪري ڇڏيو. تازو فرح سعديه ۽ توثيق حيدر سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو پيغام جاري ڪيو جنهن ۾ سندن چوڻ هو ته ڪجهه يوٽيوب وارا صرف وڌيڪ ويوز ۽ سنسني پکيڙڻ لاءِ اهڙيون بي بنياد خبرون نشر ڪري رهيا آهن. ان حوالي سان توثيق حيدر ۽ فرح سعديه مزاحيه انداز ۾ چيو ته اسان پاڻ اها خبر توهان تائين پهچائڻ چاهيون پيا پر بدقسمتي سان ڪجهه نام نهاد يوٽيوبر اڳ ئي اها خبر ظاهر ڪري ڇڏي، توثيق حيدر وڌيڪ چيو ته جڏهن مان صبح اٿيس ته خبر پئي ته منهنجي فرح سان شادي ٿي چڪي آهي، شادي جي تصوير به ڪمال جي هئي، مان ڏاڍو خوبصورت گهوٽ لڳي رهيو هوس ۽ اسان کي گهوٽ ڪنوار بڻائي پيش ڪيو ويو هو، جيڪڏهن توهان هن خبر مان 2 لک رپيا ڪمائي ورتا آهن ته گهٽ ۾ گهٽ 50 هزار رپيا موڙو ئي موڪلي ڏيو، آخر توهان اسان جي ڪري ايتري آمدني حاصل ڪري رهيا آهيو، ته اهو هڪ سٺو واپاري ٺاهه به ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته اسان پنهنجي زندگي سان خوش آهيون، مون غير شادي شده رهي اهو سکيو ته شادي نه ڪرڻ گهرجي  فرح سعديه پڻ هن معاملي تي اظهارِ خيال ڪندي چيو ته مان اها خبر ٻڌي حيران رهجي ويس، مون کي يقين ئي نه آيو، کين اسان کي به موڙو ڏيڻ گهرجي ڇو ته اهي اسان بابت ڪوڙيون خبرون هلائي پنهنجا چينل هلائي رهيا آهن، اهو مناسب طرز عمل ناهي، هن چيو ته خدا را ذميواري جو مظاهرو ڪريو، ٻين جي ذاتي زندگين بدران پنهنجي زندگي تي وڌيڪ ڌيان ڏيو، اسان سٺا دوست آهيون ۽ هميشه دوست ئي رهنداسين.