نڪاح ڪيس: عمران خان ۽ بشريٰ بي بي کي عيد تي به رليف نه ملي سگهيو

اپريل 9, 2024

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اڳوڻي چيئرمين تحريڪ انصاف ۽ بشريٰ بي بي کي عدت دوران نڪاح ڪيس ۾ عيد کان اڳ رليف نه ملي سگهيو. سزا خلاف اپيلن تي خاور مانيڪا جو وڪيل رضوان عباسي ڪالهه به عدالت ۾ پيش نه ٿيو

 بشريٰ بي بي جي وڪيل جا دليل مڪمل ٿي ويا، سلمان اڪرم راجا بشريٰ بي بي جي سزا معطل ڪرڻ جي استدعا ڪري ڇڏي

 جج شاهه رخ ارجمند چيو ته ايندڙ ٻڌڻي تي رضوان عباسي پيش نه ٿيو ته فيصلو ٻڌايو ويندو، باني تحريڪ انصاف ۽ بشريٰ بي بي کي عدت دوران نڪاح ڪيس ۾ سزا خلاف اپيلن تي ٻڌڻي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج شاهه رخ ارجمند ڪئي

 بشريٰ جي وڪيل عثمان رياض گل دليل ڏيندي چيو ته جيڪڏهن پراسيڪيوٽر اچي بحث ڪري ته مان به بحث ڪندس ۽ سزا معطلي جي استدعا ڪندس. ٽرائل ڪورٽ ايمرجنسي ۾ ٻڌڻي ڪئي، بيان به مڪمل نه هئا، جوابدارن جي بيانن جو پروسيز به مڪمل نه ڪيو ويو

 جج چيو ته رات جو ٻڌڻي متعلق به ڪو فيصلو موجود آهي. وڪيلن ٻڌايو ته فيصلو موجود ناهي، وڪيل سلمان اڪرم راجا چيو ته ٽرائل ڪورٽ اسان کي شاهدن جو موقعو به نه ڏنو

 نڪاح لاهور ۾ ٿيو ۽ ڪيس هتي ڪيو ويو. پراسيڪيوٽر رانا حسن عباس چيو ته اپيل ۾ سرڪار کي ڌر بڻايو ويو مون کي اعتراض آهي جيڪڏهن ثبوت ناهن ته ڪيس مان جوابدارن کي آزاد ڪيو ويندو آهي

 وڪيل سلمان اڪرم راجا چيو ته ڄاڻي واڻي رضوان عباسي پيش ناهي ٿيو، وقت ضايع ٿيو ٻن ٻڌڻين جو ڪو نتيجو ناهي نڪتو، سلمان اڪرم راجا بشريٰ بي بي جي سزا معطلي جي استدعا ڪئي

 عدالت رمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن رضوان عباسي ايندڙ ٻڌڻي تي پيش نه ٿيو ته فيصلو ٻڌايو ويندو، ايندڙ ٻڌڻي تي جيڪڏهن ضمانت تي دليل نه ٿيا ته سزا معطلي تي دليل ٻڌي وٺنداسين

عدالت ٻڌڻي جو فيصلو ٻڌائيندي چيو شڪايت ڪندڙ پاران ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ ناهي لڳايو ويو، ايندڙ ٻڌڻي تي شڪايت ڪندڙ حاضر نه ٿيو ته ٻڌڻي ملتوي نه ڪئي ويندي، جنهن بعد عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 15 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي

Leave A Comment