اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان ۽ سندس گهر واري بشريٰ بي بي خلاف غير شرعي نڪاح ڪيس ۾ عدالت عمران خان کي طلبي جو نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو
ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ اسلام آباد جي سول جج قدرت الله چيئرمين پي ٽي آءِ ۽ بشريٰ بي بي خلاف غير شرعي نڪاح ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي 25 سيپٽمبر تي طلب ڪندي نوٽيس جاري ڪيو آهي
ذريعن موجب عدالت پنهنجي عملي کي اٽڪ جيل سپرنٽنڊٽ جي نالي سان روبڪارجاري ڪرڻ جي هدايت به ڏني
وڪيل پاران بشريٰ بي بي جي حاضري کان ڇوٽ جي استدعا ڪئي وئي جنهن تي جج رمارڪس ڏنا ته عدالتي فيصلو ٻڌائڻ وقت بشريٰ بي بي جي حاضري يقيني بڻائي وڃي