نگران حڪومت جو ‘نئون تجربو’

آگسٽ 13, 2023

 نگران سيٽ اپ لاءِ انوار الحق ڪاڪڙ جو نالو ڪنهن پيش ڪيو؟ چون ٿا ته اهو ڪارنامو راجا رياض سرانجام ڏنو آهي. ملڪ جي سڀ کان وڏي انگريزي اخبار گذريل ڏينهن پنهنجي پهرئين پيج تي اهو انڪشاف ڪري سگهي ٿي ته، “اهو نالو ڪنهن ٻي هنڌان آيو آهي”. جيڪڏهن مذڪوره اخبار اها خبر ڏيڻ جو محفوظ خطرو نه به کڻي ها ته ڇا ماڻهو راجا رياض جي اعلان تي اعتبار ڪن ها؟ جڏهن ته اسان کي اهو به سمجهي وڃڻ گهرجي ته ڪجهه ڳجها اشارا اسٽيبلشمينٽ کي به ناپسند نه هوندا آهن، ڇو ته ان طرح سان پنهنجو تذڪرو انهن کي اها تعريف محسوس ٿيندو آهي، جيڪا سرد جنگ جي دور ۾ تمام گهڻي عروج تي هئي. هن وقت ان لئه جو حال برطانيا جي ان شاهي خاندان جهڙو آهي، جنهن کي ملندڙ رسمي عزت به آهستي آهستي گهٽجي رهي آهي.

                 يونان جي ڏاهي انسان هيراڪليٽس چيو هو ته، “اوهان ساڳي پاڻيءَ ۾ ٻيهار پير ٻوڙي نه ٿا سگهو”. وقت جون لهرون ڪنهن طرف ڪَهي رهيون آهن؟ اسان حقيقي آزاديءَ طرف وڌي رهيا آهيون يا اسان هڪ منظم ۽ منفرد غلاميءَ طرف ڌڪجي رهيا آهيون؟ ممڪن آهي ته ان سوال جو جواب ڪجهه ماڻهن کي “الڳ الڳ ڏسڻ” واري روش مطابق لڳي. پر اسان کي پاڻ به ان سچائيءَ جو تلخ تجربو آهي ته، “جبر جي دور ۾ اظهار جو آرٽ وڌيڪ ترقي ڪندو آهي”، ڇو ته ان ماحول ۾ ماڻهن لاءِ سادي ڳالهه به ڪنهن نه ڪنهن افساني جي پوشاڪ ۾ پيش ڪئي ويندي آهي. هونءَ به اسان پنهنجي ملڪ جي ان مزاج سان هاڻي هري مري ويا آهيون. غلاميءَ کي گهڻو وقت گذري ويندو آهي ته زنجير مقدس روايتون بڻجي ويندا آهن.

ملڪ ۾ نگران حڪمران جي حوالي سان جيڪي نالا گردش ۾ هئا، انهن پاران به ڪنهن قسم جي ترديد نه ڪرڻ پويان جيڪڏهن اجائي اميد نه هئي ته ٻيو ڇا هو؟ هاڻي اعظميءَ واري وزارت وئي آهي ته ڇا شيروانيون ڪابينا جي قافلي ۾ شامل ٿيڻ لاءِ ڪتب نه اينديون؟ انهن صاحبن جو صبر به ڪمال وارو آهي، جيڪي اقتدار جي شجر سان پوئين ساهه تائين پيوسته رهن ٿا ۽ پنهنجي واري اچڻ واري بهار جي انتظار مان ڪڏهن بيزار نه ٿا ٿين.

هن وقت ملڪي ميڊيا پنهنجي اڻ ڄاڻائيءَ واري عيب مٿان ان حيرت جو پردو وجهي رهي آهي، جنهن جي ابتدا ۽ انتها ان ڳالهه کان ٿئي ٿي ته آخر ان شخصيت کي اقتداري ڪرسيءَ تي براجمان ڪرڻ جو آئيڊيا ڪنهن کي آيو؟ ان سوال ۾ هڪ طرف راجا رياض جي اعلان جو جواب به آهي ۽ ٻي طرف اهو اشارو به آهي، جنهن جي ٻوليءَ کي هاڻي هن ملڪ جا ٻار به سمجهڻ لڳا آهن. جنهن وقت انوار الحق ڪاڪڙ جو نالو منظر عام تي آيو، ان وقت ڪنهن کي ته سار ۾ سري آيو هوندو، اهو فارسي شعر جيڪو هن ملڪ جي اسيمبلي خور صدر مرحوم اسحاق خان اسلام آباد جي هڪ محفل ۾ انهن صحافين جي سامهون جهونگاريو هو، جن هن کان پڇا ٿي ڪئي ته تون پنهنجي مخالف وزير اعظم ميان نواز شريف پاران شهه مات اچڻ بعد ڇا ڪائي چال چلي سگهين ٿو؟ ان سوال جي جواب ۾ هن مسڪرائي فارسيءَ جو اهو شعر پڙهيو هو، جنهن جو مطلب هو ته، “منهنجي مئخاني ۾ اڃان اهڙا شراب موجود آهن، جن کي هن مهل تائين ڪنهن چکيو به ناهي”.

ڇا ڪنهن کي اندازو به هو ته نگران سيٽ اپ لاءِ بلوچستان جي ان فرد جي چونڊ ڪئي ويندي، جنهن جو نالو ميڊيا تي اچڻ وقت هن جي باري ۾ انٽرينٽ تي به نهايت محدود معلومات هئي. هر شخص جي باري ۾ “وڪي پيڊيا” جو پيج کولڻ وارن کي ان شام معلوم ٿيو ته دنيا جي سڀ کان وڏي آن لائن انسائڪلوپيڊيا کي به اهو پتو نه آهي ته ملڪ پاڪستان جو نامزد نگران وزير اعظم ڪڏهن ۽ ڪٿي پيدا ٿيو؟ هن جي سياسي ڪيريئر جي باري ۾ معلومات تيزيءَ سان اپلوڊ ٿيندي وئي پر جن قوتن گمناميءَ جي گودڙيءَ مان هن هيري کي ٻاهر ڪڍي پيش ڪيو، انهن وٽ هن جي باري ۾ نه صرف اڳواٽ ئي گهڻي معلومات هوندي پر انهن جي هن مٿان ان وقت کان نظر هوندي، جنهن وقت خود مالڪ کي به معلوم نه هوندو ته هو ڪهڙين خوبين جي کاڻ آهي؟

ملڪ جي آزاديءَ جي سالگره واري ڏينهن تي وزارت عظميٰ جو حلف کڻندڙ انوار الحق ڪاڪڙ بلوچستان جي ڌرتيءَ تي جنم وٺندڙ آهي. پر هن جي الڳ خوبي اها به آهي ته هن جي رڳن ۾ وهندڙ رت پشتون آهي. هو هڪ ئي وقت انهن ٻن قومن جو سنگم آهي، جن جا تر ملڪي اسٽيبلشمينٽ سان سڌا ناهن. هن وقت دهشتگرديءَ جون سڀ کان وڌيڪ وارداتون يا ته بلوچستان ۾ ٿين ٿيون يا خيبر پختونخوا ۾! جڏهن ته ان جو مطلب اهو ناهي ته ڪو انوار الحق ڪاڪڙ جي اچڻ سان اهي ڪارروايون رڪجي وينديون! پر اسان کي اهو سمجهڻ گهرجي ته جڏهن ملڪ جو سربراه غيرملڪي ميڊيا جي سوالن جا جواب ڏيندي اهو چوي ته منهنجو تعلق انهن پهاڙن سان آهي، جيڪي بلوچستان کان وٺي خيبر تائين ۽ خيبر کان اڳتي افغانستان به وڃن ٿا ۽ انهن جو سڱ سياپو ايران سان به آهي.

ملڪ جي نئين نگران وزير اعظم انوار الحق ڪاڪڙ جي صرف اها خوبي ناهي ته هن جو جنم پهاڙن جي پاڇي ۾ ٿيو آهي پر سمجهڻ وارن لاءِ اهو اشارو ڪافي آهي ته هو ڪافي وقت کان وٺي فوجي ڪاليجن ۾ دهشتگرديءَ جي موضوع تي ليڪچر ڏيندو رهيو آهي ۽ ان سلسلي ۾ هن وٽ پنهنجي انداز سان نهايت دلچسپ دليل به آهن. اهي دليل جيڪي وردين وارن کي وڻندا به آهن.

پاڪستان ۾ نگران وزير اعظم صرف اهي بڻايا ويا آهن، جن جون عمريون بزرگيءَ جي بلنديءَ کي ڇهنديون آهن. جڏهن ته نئون نگران وزير اعظم نوجوان ناهي ته به سٺ سالن جي ان عمر کان گهڻو هيٺ آهي، جنهن عمر جا انسان هن وقت به ٻيهر، ٽيهر ۽ اهو رڪارڊ به ٽوڙڻ لاءِ تيار ويٺا آهن ته انهن جي مٿان پابنديون هٽن ۽ انهن کي اين او سي ملي ته هو وري اقتداري ايوانن ۾ داخل ٿي ان شيءَ جو جائزو وٺن ته انهن حڪمران گهرن ۾ ڪهڙيون تبديليون آيون آهن؟ ڪهڙو پراڻو فرنيچر مٽايو ويو آهي ۽ ڪهڙا نوان بورچي داخل ڪيا آهن؟

سو! ان انوار الحق کان اڳ ۾ ان عمر جو ڪو به نگران وزير اعظم نه ٿيو هو ۽ اسان کي اهو ٻڌي به حيرت ٿيندي ته هو اڳواٽ ڇهن ٻولين ۾ ڀڙ آهي، جڏهن ته ستين ٻولي سکڻ ۾ هن کي گهڻو وقت نه لڳندو. پٺاڻ خاندان مان هجڻ سبب پشتو هن جي مادري ٻولي آهي. جڏهن ته بلوچستان ۾ رهڻ سبب هن کي بلوچي ڪيئن نه ايندي؟ جنهن جو ننڍپڻ بلوچستان ۾ گذريو هوندو، ان کي بروهي ٻولي به ضرور ايندي. جنهن جنهن تعليم يافتا شخص کي بلوچستان ۾ رهندي ٽن مقامي ٻولين جي مٿان عبور هوندو ته هن لاءِ فارسي ۾ رسمي گفتگو ڪرڻ ڪو مشڪل ڪم نه هوندو. جڏهن ته اردو اسان ملڪ جي رابطي واري ٻوليءَ کان ٻه وکون اڳتي آهي. هن جون تقريرون ۽ هن جا انٽرويو ٻڌي ڪنهن به شخص کي اهو يقين اچي ويو هوندو ته هن جي انگريزي ڪافي حد تائين ٺيڪ ٺاڪ آهي. جڏهن ته اقتداري ڪلب ۾ داخل ٿيڻ بعد هن کي پنجابي ٻولي سکڻ جي ڪا گهڻي شعوري ڪوشش به نه ڪرڻي پوندي. ڇو ته اقتداري ماحول ۾ رهندي پنجابي ٻولي پڪل ميوي وانگر ماڻهوءَ جي جهول ۾ پاڻ ڪرندي آهي.

ملڪي اسٽيبلشمينٽ کي انوار الحق جي دريافت تي داد ڏنو وڃي يا نه؟ اهو سوال الڳ آهي پر هن جي آمد ۽ هن جي آمد کان اڳ ۾ جهڙي طرح نگران حڪومت جي سهولت لاءِ جيڪي قانون وجود ۾ آندا ويا آهن، انهن جا انبار ۽ هوڏانهن اليڪشن ڪميشن جا هوشربا انداز ئي اها سچائي پيش ڪرڻ جي سلسلي ۾ ڪافي آهن ته نگران هن سال کان گهڻو اڳتي سوچي رهيا آهن. جڏهن ته پاڪستان ۾ ڪنهن به معاملي تي بنهه ضد ڪري ڪوئي خيال پيش ڪرڻ به تمام وڏي غلطي جو باعث بڻبو آهي. ڇو ته پاڪستان ۾ اقتدار جا آپشن گهڻا هوندا آهن.

هن وقت ملڪ کي سياسي افراتفريءَ جي حوالي ڪرڻ جي مخالفت ڪرڻ وارا ۽ ملڪي معيشت کي هر حال ۾ مضبوط بڻائڻ جي حمايت ڪرڻ وارا ۽ دهشتگرديءَ جي هوندي ملڪي ترقيءَ کي هڪ خواب صورت پيش ڪرڻ وارا حلقا نگران حڪومت کي تيستائين هلائڻ جا آثار ڏسي رهيا آهن، جيستائين عام طور تي پوري پاڪستان ۽ خاص طور تي خيبر پختونخوا ۽ پنجاب جي عوام جي دماغن مان تحريڪ انصاف جي حمايت جو اٺ نه ٿو نڪري. ڇا ان ڳالهه جو مطلب اهو آهي ته انوار الحق ڪاڪڙ جي صورت ۾ نگران حڪومت کي مقرر مدي کان اڳتي هلائڻ جي پويان هڪ طرف بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي جي ڪاوڙيل نوجوانن ۾ پنهنجي پسند واري سياسي سوچ جو ٻج پوکڻ هوندو ۽ ان سان گڏ ان ماحول ۾ تبديلي آڻڻ هوندي، جنهن ماحول ۾ عمران خان جو سياسي پاڇو هن مهل تائين جيڪڏهن احتجاج نه ته گهٽ ۾ گهٽ انتخاب واري ووٽن جي صورت ۾ ته ڪافي گهرو آهي.

پاڪستان جا ويندڙ حڪمران بلڪه هاڻي هلي ويل حڪمران پنهنجي ڏيڍ سال جي اقتدار جو ڪو به هڪ ڪارنامو پيش ڪرڻ جي پوزيشن ۾ ناهن. هو ڪو به اهڙو ڪم نه ڪري سگهيا، جنهن جي بنياد تي هو پاڪستان جي لٽيل، ڦريل ۽ تمام گهڻو تنگ ڪيل عوام کان وري پنجن سالن جي اقتدار لاءِ ووٽ گهري سگهن. ان ڪري هو پنهنجن پوين ڪرتوتن ۽ محفوظ فائيلن ۽ مٿان عوام جي حمايت کان محروم هجڻ سبب ان نگران سيٽ خلاف ڪو نالي ماتر احتجاج به ڪري نه ٿا سگهن، جيڪڏهن اهو نگران سيٽ اپ مقرر وقت کان اڳتي وڌي ٿو. ڏيڍ سال جي لاءِ عيش ماڻڻ ۽ پنهنجا ڪيس ڪک پن ڪرڻ وارا حڪمران ته پاڻ نگرانن کي مضبوط بنياد فراهم ڪري ڏئي ويا آهن. جڏهن ته تحريڪ انصاف ۾ نه ته اها توانائي آهي ۽ نه اها توائي آهي، جيڪا نگران سيٽ اپ کي سياسي احتجاج سان ڀتي ڀت جيان لوڏي سگهي. ان حوالي سان اهو خيال پسند نه هوندي به مجبوريءَ سبب مڃڻ جوڳو لڳي رهيو آهي ته، “ويندڙ حڪمران ڪافي وقت لاءِ وڃي رهيا آهن” ڇو ته “ايندڙ نگران گهڻي وقت لاءِ نگرانيءَ نما حڪومت ڪرڻ آيا آهن”.حڪمرانن جي اها اچ وڃ چين، ڪيوبا ۽ ويٽنام جهڙن ملڪن کان سواءِ دنيا جي سمورن ملڪ ۾ ٿيندي رهي ٿي پر ڪنهن به ملڪ ۾ سياست جي نالي تي اهڙو تماشو نه ٿو ٿئي، جهڙو ان ملڪ ۾، جيڪو اڄ پنهنجي 76هين سالگره ملول ڪيفيت سان ملهائڻ لاءِ مجبور آهي.

Leave A Comment