نگران حڪومت جو ويندي ويندي عوام تي وار: گئس 100 کان 900 رپيا في ملين يونٽ مهانگي، مقامي گاڏين تي ٽيڪس ۾ به واڌ
فيبروري 15, 2024
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ناڻي وزارت عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) کان وڌيڪ 6 ارب ڊالر قرض وٺڻ جي تياري ڪري ورتي. حڪومت آءِ ايم ايف شرط تي گئس به مهانگي ڪري ڇڏي آهي، ذريعن مطابق ناڻي وزارت آءِ ايم ايف کان نئون قرض پروگرام حاصل ڪرڻ جي لاءِ تياري ڪري ورتي آھي. نئون پروگرام ٽن سالن جي لاءِ ھوندو ۽ ان جو نالو ايڪسٽينڊڊ فنڊ فيسليٽي پروگرام ھوندو. آءِ ايم ايف سان نئين پروگرام لاءِ ڳالھيون ٻئين اقتصادي جائزي سان گڏ ٿينديون. آءِ ايم ايف کي 6 ارب ڊالر تائين نئون قرض پروگرام ڏيڻ جي درخواست ڪئي ويندي. ناڻي وزارت جي ذريعن مطابق نئين قرض پروگرام تحت بجلي، گئس وڌيڪ مھانگي ٿي ويندي. مختلف شعبن کي ڏنل سبسڊي ختم ڪئي ويندي. ٽيڪس جي مد ۾ مختلف شعبن کي ڏنل ڇوٽ ختم ڪئي ويندي. ناڻي وزارت جي ذريعن جو چوڻ آھي ته نئون قرض پروگرام موجودا اسٽينڊ باءِ ايرينجمينٽ معاهدي کان وڌيڪ مشڪل شرطن تي ھوندو. ايندڙ مالي سال جي بجيٽ لاءِ آءِ ايم ايف ناڻي وزارت کي تجويز ڏيندي جنھن تي عمل درآمد ڪرڻو پوندو. سمورين خاطريون بجيٽ ۾ ڪرايون وينديون. هوڏانهن نگران حڪومت آءِ ايم ايف جو هڪ ٻيو شرط مڃي ورتو، پروٽيڪٽڊ، نان پروٽيڪٽڊ صارفين ۽ ڪيپيٽو پاور پلانٽ لاءِ گيس مهانگي ڪئي وئي، اي سي سي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ گئس مهانگي ڪرڻ جي سمري منظور ڪئي وئي، سمري موجب پروٽيڪٽڊ صارفين لاءِ گئس قيمتن ۾ 100 رپيا في ايم ايم بي ٽي يو واڌ ڪئي وئي، نان پرٽيڪٽڊ صارفين لاءِ گئس قيمتن ۾ 300 رپيا في ايم ايم بي ٽي يو واڌ ڪئي وئي، ڪمرشل لاءِ في ايم ايم بي ٽي يو قيمتن ۾ 900 رپيا واڌ ڪئي وئي، سي اين جي سيڪٽر لاءِ في ايم ايم بي ٽي يو قيمتن ۾ 170 رپيا واڌ ڪئي وئي، ڀاڻ ڪارخانن لاءِ به قيمت ۾ اضافو ڪيو ويو. گيس قيمتن ۾ واڌ جي پهرين فيبروري کان منظوري ڏني وئي، جڏهن ته ڀاڻ جي قيمتن ۾ اضافي جي جاچ جي هدايت به ڏني وئي، اقتصادي رابطا ڪاميٽي 40 لک رپيا قيمت واري يا 1400 سي سي گاڏين تي سيلز ٽيڪس به وڌائي ڇڏي، مقامي طور تيار ٿيندڙ گاڏين تي سيلز ٽيڪس وڌائي 25 سيڪڙو ڪرڻ جي منظوري به ڏني وئي. آءِ بي لاءِ 12.5 ڪروڙ جي گرانٽ منظور ڪئي وئي، اجلاس ۾ 7.6 ارب رپين جي ٽيڪنيڪي سپيليمنٽري گرانٽ جي به منظوري ڏني وئي.