نگران حڪومت عذير بلوچ جي ڪيسن مان بريت کي چئلينج ڪري ڇڏيو
ڊسمبر 9, 2023
سنڌ جي نگران سرڪار لياري گينگ وار جي ڪردار عذير بلوچ جي مختلف ڪيسن مان بريت کي چئلينج ڪري ڇڏيو
عذير بلوچ خلاف ڪيس ٻيهر دهشتگردي ٽوڙ عدالت اماڻڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي
پراسيڪيوٽر جنرل پاران سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪرايل اپيل ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته جوابدار عذير بلوچ ۽ سندس ساٿي جوابدارن کي بنا ٽرائل هلائڻ جي آجو قرار ڏنو ويو
پراسيڪيوٽر جنرل چيو ته عذير بلوچ جي بريت کي ڪالعدم قرار ڏئي سندس ڪيس ٻيهر اي ٽي سي ڏانهن اماڻيا وڃن
عذير بلوچ تي 65 کان وڌيڪ ڪيس داخل ٿيل آهن، 40 کان وڌيڪ ڪيسن ۾ عذير بلوچ کي آجو قرار ڏنو ويو آهي