اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پي آءِ اي جا نقصان روڪڻ لاءِ نگران حڪومت پي آءِ اي جا مالي مامرا نجڪاري ڪميشن حوالي ڪري ڇڏيا
ذريعن مطابق نجڪاري ڪميشن پي آءِ اي جون مالي حالتون بهتر بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي
نجڪاري کان اڳ پي آءِ اي جي بيلنس شيٽ ڪليئر ڪئي ويندي، روزانو جا مالي مامرا پي آءِ اي پاڻ ڏسندي
ذريعن موجب نجڪاري ڪميشن پي آءِ اي جا نقصان گهٽ ڪرڻ لاءِ به قدم کڻندي، جڏهن ته پي آءِ اي جي نظام کي جديد ترين نظام سان منسلڪ ڪندو، مالي مامرن کي بهتر بڻائي رزلٽ شيٽ کي بهتر بڻايو ويندو، رزلٽ شيٽ بهتر بڻائڻ سان پي آءِ اي جي نجڪاري ۾ مدد ملي سگهندي
ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته پي آءِ اي جو انتظامي ڪنٽرول بدستور پي آءِ اي وٽ ئي هوندو، جيڪي انتظامي مامرا وزارت هوابازي جي ماتحت رهندا، جڏهن ته پي آءِ اي جي ريگيوليشن جا مامرا سول ايوي ايشن جي حوالي رهندا