اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نگران سرڪار به آءِ ايم ايف آڏو بيوس بڻجي وئي آهي، بجلي بل گهٽائڻ بابت فيصلو نه ڪري سگهي، قسطن ۾ وٺڻ جي تجويز ڏني وئي، اڄ ٽيهر اجلاس طلب ڪيو ويو آهي جنهن ۾ قطعي فيصلو ڪيو ويندو
نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ بجلي جي اگهن ۽ وڌيڪ بلن بابت توانائي وزير سان مشاورت ڪئي، ذريعن موجب بجلي جي بلن ۾ امڪاني رليف جي قدمن جو جائزو ورتو ويو، لاڳاپيل ادارن جي آفيسرن ۽ ملازمن کي مفت بجلي جي فراهمي جي معاملي تي به غور ڪيو ويو
ذريعن موجب توانائي وزير پاران بجلي جي بلن ۾ امڪاني رليف بابت مختلف آپشن پيش ڪيا ويا، بجلي جي بلن ۾ شامل ٽيڪسن جو به جائزو ورتو ويو، وزيراعظم آفيس جي ذريعن موجب بجلي جي بلن ۾ رليف بابت وزيراعظم جي صدارت ۾ باضابطه اجلاس اڄ ٿيندو
اجلاس ۾ جولاءِ جا بجلي جا بل قسطن ۾ وصول ڪرڻ جي تجويز تي به غور ڪيو ويو، عوام کي بجلي جي بلن ۾ رليف بابت حتمي فيصلو اڄ ٿيندو، مشاورتي عمل ۾ نگران ناڻي وزير شمشاد اختر به شرڪت ڪئي
ٻئي طرف توانائي وزارت ۾ بجلي جي بلن جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، توانائي وزارت مطابق توانائي وزارت بجلي بلن جي مسئلي تي تجويزن کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي آهي، اهي تجويزون اڄ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ پيش ڪيون وينديون، حتمي فيصلو ڪابينا جي اجلاس ۾ ڪيو ويندو ڇاڪاڻ ته انهن تجويزن ۽ فيصلن جي منظوري جو اختيار صرف وفاقي ڪابينا وٽ آهي، فيصلو ڪيو ويو ته تجويزون ۽ فيصلا منظوري جي لاءِ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ پيش ڪيا ويندا
هوڏانهن توانائي واري وزارت کي بجلي جي گھريلو واهپيدارن کي بجلي بلن تي ون سليب بينيفٽ تحت رعايت ڏيڻ جي تجويز سامهون آئي آهي
خانگي ٽي وي چينل موجب توانائي واري وزارت جي بجلي بلن بابت تجويزن ۾ بجلي جي واڌو بلن جي ادائگي لاءِ عوام کي گھڻين قسطن ۾ بل ادائيگي جي سهولت ڏيڻ تي غور ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته ڳرن بلن جو ڪجهه حصو سياري جي ڏينهن ۾ ادا ڪرڻ جي سهولت واري تجويز به سامهون آئي آهي، بجلي بلن تي ٽيڪسن بابت ناڻي وزارت جون تجويزون اڄ ڪابينا اجلاس ۾ پيش ڪيون وينديون
خانگي ٽي وي چينل موجب بجلي بلن ۾ گھٽتائي بابت في الحال ڪا تجويز شامل ناهي، حڪومتي ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف سان ٿيل معاهدو بجلي بلن ۾ گھٽتائي ۾ رڪاوٽ آهي
آءِ ايم ايف جو اعتماد بحال ٿيڻ کان پوءِ ئي بجلي بلن ۾ لاٿ جي آپشنز تي غور ڪري سگھجي ٿو، بلن ۾ گھتتائي يا ٽيڪسن ۾ لاٿ بابت فيصلو ڪابينا ڪندي