نگران سرڪار جي نگراني هيٺ خوفناڪ نظام هلي رهيو آهي، ڇا نگران حڪومت چونڊن کي پٽڙيءَ تان لاهڻ گهري ٿي؟: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ
ڊسمبر 29, 2023
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ چيئرمين بئرسٽر گوهر کي پي ٽي آءِ جي باني سان ملاقات ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو
جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب رمارڪس ۾ چيو آهي ته نگران حڪومت جي نگراني هيٺ خوفناڪ نظام هلي رهيو آهي جو چونڊ مشاورت جي اجازت به نه آهي، ڇا نگران حڪومت چونڊن کي پٽڙيءَ تان لاهڻ گهري ٿي؟
هن چيو ته چونڊن لاءِ مشاورت جي اجازت بنيادي حق آهي، پي ٽي آءِ جي اڳوڻي ۽ هاڻوڪي چيئرمين جي مشاورت ۾ مخالفت سان نگران حڪومت جي غير جانبداري تي سوال اٿي ٿو
ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ جي وڪيل شعيب شاهين چيو ته پارٽيءَ جي 7 سئو ٽڪيٽس جي ورڇ بابت پي ٽي آءِ جي باني سان مشاورت گهربل آهي، ايڊيشنل اٽارني جنرل ۽ ايڊوڪيٽ جنرل درخواست جي ٻڌڻ جوڳو هئڻ جي مخالفت ڪئي، جنهن تي عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو
جسٽس ميان گل حسن چيو ته ڇا سپريم ڪورٽ مان آيل اضافي نوٽ توهان لاءِ ڪافي نه هو؟ سپريم ڪورٽ کانپوءِ ڇا توهان مون کان به پنهنجو اختلافي نوٽ لکرائڻ چاهيو ٿا؟ ايڊوڪيٽ جنرل ۽ ايڊيشنل اٽارني جنرل حڪومت جي نمائندگي ڪري رهيا آهن، هنن کي اڻ ڌريو رهڻ گهرجي
عدالت اڊيالا جيل جي سپرنٽنڊنٽ جي نگراني ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ وڪيلن کي پي ٽي آءِ جي باني سان ملاقات ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي