نگران سرڪار منهنجي نياڻي فضيلا سرڪي جي بازيابي لاءِ حرڪت ۾ اچي: امڙ سڪينا سکر ڪانفرنس ۾ لڙڪ لاڙي ويٺي

آڪٽوبر 7, 2023

سکر(رپورٽ: فاروق سومرو)ٺل مان 17 سال اڳ اغوا ٿيل فضيلا سرڪي جي امڙ سکر ڪانفرنس ۾ لڙڪ لاڙيندي اپيل ڪئي آهي ته نگران سرڪار منهنجي نياڻي کي بازياب ڪرائڻ لاءِ حرڪت ۾ اچي

سکر جي آرٽس ڪائونسل ۾ صنفي تشدد جي موضوع تي فاطمه ڦرڙو جي نالي سان ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي، پهرين سيشن ۾ فاطمه ڦرڙو جي امڙ شبنم، فضيلا سرڪي جي امڙ سڪينا سرڪي ۽ جيڪب آباد ۾ قتل ڪيل نينگري حسينه جي امڙ صحبت خاتون شرڪت ڪئي

فضيلا سرڪي جي امڙ پنهنجي نياڻيءَ جي لاءِ لڙڪ لاڙي ويٺي، سڪينا سرڪي چيو ته فضيلا 9 سالن جي هئي ته کيس اغوا ڪيو ويو هو، 17 سال گذرڻ  باوجود منهنجي ڌيءُ بازياب نه ڪرائي وئي

سندس چوڻ هو ته سهراب سرڪي نياڻي بازياب ڪرائڻ جي خاطري تي منهنجو احتجاج ختم ڪرايو پر نياڻي واپس نه موٽي آئي، نگران سرڪار فضيلا جي بازيابيءَ لاءِ به حرڪت ۾ اچي

 فاطمه ڦرڙو جي امڙ شبنم چيو ته ڌيءَ جي قتل ڪيس جي جاچ مان مطمئن آهيان، ڌيءُ ماريندڙ پيرن کي سزا ملڻ گهرجي

 جيڪب آباد جي صحبت خاتون چيو ته منهنجي ڌيءَ 6 سيپٽمبر تي کير وٺڻ وئي ته کيس قتل ڪيو ويو، منهنجي نياڻيءَ جي ميڊيڪل رپورٽ به پڌري نه پئي ڪئي وڃي

هن چيو ته عدالت مهينو اڳ قبر ڪشائي جو حڪم ڏنو پر ان تي اڃا عمل نه ٿيو آهي، عدالتي حڪم تي عمل ڪري مون کي انصاف ڏياريو وڃي

Leave A Comment