نگران سرڪار پاران تعليم کاتي ۾ جعلي ڀرتين خلاف ڪريڪ ڊائون جو فيصلو : گوسڙو استادن جا تفصيل طلب، ڊيٽا جمع ڪرڻ جي هدايت

آڪٽوبر 12, 2023

ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ جي نگران حڪومت تعليم کاتي ۾ جعلي ڀرتين ۽ گوسڙو استادن خلاف ڪريڪ ڊائون جو فيصلو ڪري ڇڏيو

نگران صوبائي سرڪار نوٽيفڪيشن جاري ڪندي گوسڙو استادن جا تفصيل طلب ڪري ورتا آهن جڏهن ته استادن جي ڀرتين جي ڊيٽا جمع ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي وئي آهي

جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته اسڪولز ڊائريڪٽر استادن جي ڊيٽا 15 ڏينهن ۾ جمع ڪري رپورٽ پيش ڪن، استادن جو وڏو انگ سرڪاري اسڪولز مان غيرحاضر هجڻ جون رپورٽون مليون آهن

 تعليم واري نگران صوبائي وزير رعنا حسين چيو آهي ته پهرين مرحلي ۾ استادن جي اپائمنٽ ۽ تعليم بابت جاچ ڪئي ويندي، گوسڙو استادن کي نوڪرين مان ڪڍيو ويندو

نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو ته ڊائريڪٽر اسڪولز کان 5 دستاوير طلب ڪيا ويا آهن، جن ۾ سروس بڪ، پهرين پگهار جي سلپ، ايڪسپلينيشن ليٽر، اين او سي  ۽ حاضري رپورٽ شامل آهن

رعنا حسين جو چوڻ هو ته نون استادن جو وڏو انگ تقرريءَ جو منتظر آهي، جن کي جوائننگ ڏيڻي آهي، ان ڪري گوسڙو ۽ ڪم چور استادن کي برطرف ڪري نون استادن کي مقرر ڪنداسين

Leave A Comment