نگران سرڪار کي به رحم نه آيو، عوام کي پهريون وڏو تحفو: پيٽرول ساڍا 17 رپيا ۽ ڊيزل 20 رپيا في لٽر مهانگا: مهانگائي جو وڏو طوفان اچڻ وارو

آگسٽ 16, 2023

اسلام آباد(پنهنجي ڊيسڪ) مهانگائي سٽيل عوام تي نگران سرڪار کي به رحم نه آيو، پيٽرول ساڍا 17 رپيا ۽ ڊيزل 20 رپيا في لٽر مهانگو ڪري ڇڏيو، مهانگائي جو وڏو طوفان اچڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي

نگران ڪابينا جي جوڙجڪ اڃا مڪمل ئي نه ٿي سگهي آهي پر ناڻي وزارت عوام کي پهريون تحفو مهانگائي جي صورت ۾ ڏئي ڇڏيو، پيٽروليم مصنوعات ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ ڪئي وئي آهي

پيٽرول جي في ليٽر اگهه ۾ وڌيڪ 17 رپيا50 پئسا واڌ، ڊيزل جي في ليٽر اگهه ۾ به 20 رپيا اضافو، پيٽرول جو نئون اگهه 290 رپيا 45 پئسا ٿي ويو  آهي

ڊيزل جي اگهه ۾ پڻ 20 رپيا في لٽر واڌ ڪئي وئي جنهن بعد ڊيزل جي في لٽر نئين قيمت 293 رپيا 40 پئسا ٿي وئي آهي

ناڻي وزارت پاران پيٽروليم مصنوعات ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو، جنهن بعد معاشي ماهرن جو چوڻ آهي ته پيٽروليم مصنوعات جي اگهن ۾ واڌ سان مهانگائي جو وڏو طوفان ايندو

ٻئي طرف پيٽرول جي اگهه ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافي سبب عوام ۾ تاءُ پکڙيل آهي، شهرين پاران حڪومت جي اهڙي فيصلي کي رد ڪندي پيٽرول جو مناسب اگهه مقرر ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي

Leave A Comment