نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ ڪير آهي ؟

آگسٽ 12, 2023

ڪراچي (پنهنجي ڊيسڪ) نگران وزيراعظم ٿيندڙ انورالحق ڪاڪڙ 2018ع کان سينيٽر ۽ سينيٽ جي سمنڊ پار پاڪستانين بابت ڪاميٽي جو چيئرمين به آهي، انوار الحق ڪاڪڙ مملڪتي وزير به رهي چڪو آهي

انوار الحق ڪاڪڙ شروعاتي تعليم ڪوئيٽا مان حاصل ڪئي جنهن بعد اعليٰ تعليم لاءِ لنڊن ويو، لنڊن مان واپسي بعد سياسي سرگرمين ۾ حصو ورتو

2008ع جي چونڊن ۾ قومي اسيمبلي لاءِ ڪوئيٽا جي سيٽ تي چونڊن ۾ حصو ورتو پر ڪامياب نه ٿي سگهيو

2013ع ۾ بلوچستان حڪومت جو ترجمان بڻيو، 2018ع ۾ جڏهن بلوچستان عوامي پارٽي قائم ڪئي وئي ته ان ۾ انوار الحق ڪاڪڙ جو تمام گهڻو ڪردار هو، بلوچستان عوامي پارٽي ٺهڻ جو اعلان به انورالحق ڪاڪڙ ڪيو هو

ڪوئيٽا سان تعلق رکندڙ انوار الحق ڪاڪڙ سينيٽ ۾ بلوچ ۽ پشتون ٻنهي جي نمائندگي ڪئي، سينيٽ ۾ بلوچن جي نمائندگي ڪندڙ انوارالحق پشتون قبيلي ڪاڪڙ سان تعلق رکندڙ آهي، ريڪوڊڪ معاهدي ۾ به سندس ڪردار رهيو

Leave A Comment