نگران وزيراعظم ڪير ٿيندو؟ صادق سنجراڻي به اميدوارن۾ شامل

آگسٽ 10, 2023

اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ) ملڪ جو نگران وزيراعظم ڪير ھوندو؟ وزيراعظم شهباز شريف اپوزيشن ليڊر راجا رياض صادق سنجراڻي جو نالو کڻي وزيراعظم هائوس پهچي ويو، مشاورت شروع ٿي وئي

ان کان اڳ وزيراعظم شهباز شريف اپوزيشن ليڊر راجا رياض کي نگران وزيراعظم جي مقرري لاءِ باضابطا دعوت اماڻي

وزيراعظم پاران اماڻيل دعوت نامي ۾ چيو ويو آھي تھ صدر پاران اسيمبلي ٽوڙڻ بعد نگران وزيراعظم جي مقرري وارو عمل شروع ٿي ويو آھي، انڪري اڄ مشاورت لاءِ اوهانکي پي ايم ھائوس اچڻ جي دعوت آهي

هي به پڙهندا

وزيراعظم ۽ اپوزيشن ليڊر وچ ۾ ملاقات دوران فيصلو نه ٿيڻ جي صورت ۾ معاملو پارلياماني ڪميٽي ڏانھن هليو ويندو، اُتي به فيصلو نه ٿيو ته اليڪشن ڪميشن فيصلو ڪندي

 ذريعن موجب پيپلزپارٽي نگران وزيراعظم جي لاءِ جليل عباس جيلاني ۽ تصدق حسين جيلاني جا نالا ڏئي چڪي آھي، مسلم ليگ نون پاران نگران وزيراعظم جي لاءِ اڃا ڪي بھ نالا سامھون نھ اچي سگھيا آهن

 تصدق حسين جيلاني 11 ڊسمبر 2013 کان 5 جولاءِ 2014 تائين چيف جسٽس آف پاڪستان رھي چڪو آھي، جليل عباس جيلاني پرڏيھي سيڪريٽري ۽ آمريڪا ۾ سفير رھي چڪو آھي

Leave A Comment