نگران وزيراعظم ڪير ٿيندو؟شهباز ۽ راجا رياض وٽ اڄ آخري ڏينهن

آگسٽ 12, 2023

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ملڪ جو نگران وزيراعظم ڪير ٿيندو؟ وزيراعظم شهباز شريف ۽ اپوزيشن ليڊر راجا رياض وٽ اڄ آخري ڏينهن آهي جيڪڏهن اتفاق نه ٿي سگهيو ته معاملو پارلياماني ڪميٽي حوالي ٿيندو

نگران وزيراعظم جي مقرري تي وزيراعظم ۽ اپوزيشن ليڊر وچ ۾ ڊيڊلاڪ ختم نه ٿي سگھيو آهي، جڏهن ته صدر عارف علويءَ وزيراعظم شهباز شريف ۽ اپوزيشن ليڊر کان اڄ تائين نالو گھري ورتو آهي

وزيراعظم شهباز شريف ۽ اپوزيشن ليڊر راجا رياض  وچ ۾ اڄ ملاقات رٿيل آهي جنهن ۾ سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي سميت مختلف نالن تي غور ويچار ڪيو ويندو جيڪڏهن ڊيڊ لاڪ برقرار رهيو ۽ ڪوبه فيصلو نه ٿي سگهيو ته پوءِ معاملو پارلياماني ڪميٽي حوالي ڪيو ويندو

صدر عارف علوي به وزيراعظم شهباز شريف ۽ ٽوڙيل قومي اسيمبلي جي مخالف ڌر اڳواڻ راجا رياض کي خط لکي 12 آگسٽ تائين نگران وزيراعظم جو نالو ڏيڻ جو چيو آهي

 خط ۾ چيو ويو آهي ته آرٽيڪل 224 ون اي تحت صدر وزيراعظم ۽ مخالف ڌر اڳواڻ جي مشوري سان نگران وزيراعظم جي مقرري ڪندو آهي

 آئين تحت وزيراعظم ۽ مخالف ڌر اڳواڻ کي قومي اسيملبي ٽوڙڻ جي ٽن ڏينهن اندر نگران وزيراعظم لاءِ نالو تجويز ڪرڻو هوندو آهي.

خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته مون وزيراعظم جي ايڊوائس منظور ڪندي 9 آگسٽ تي قومي اسيمبلي ٽوڙي، هاڻ وزيراعظم ۽ مخالف ڌر اڳواڻ 12 آگسٽ تائين موزون نگران وزيراعظم جو نالو تجويز ڪن

ٻئي پاسي وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته نگران وزيراعظم بابت خط لکڻ کان پهريان صدر کي آئين جو ڪتاب پڙهڻ گهرجي ها، آئين تحت نگران وزيراعظم جي اعلان تائين آئون وزيراعظم آهيان، ٽن ڏينهن ۾ جيڪڏهن اپوزيشن ليڊر سان اتفاق راءِ نه ٿيو ته معاملو پارلياماني ڪاميٽي وٽ ويندو صدر صاحب! توهان کي ايتري تڪڙ ڇو آهي؟

ميڊيا سان مختصر ڳالهه ٻولهه ڪندي هن وڌيڪ چيو ته 3 ڏينهن پارلياماني ڪاميٽي وٽ هوندا، جنهن کان پوءِ اتفاق راءِ نه ٿيو ته ٻه ڏينهن اليڪشن ڪميشن وٽ هوندا، اڄ اتحادين جي اجلاس کان پوءِ اپوزيشن ليڊر سان ملاقات جو امڪان آهي، اڄ ملاقات نه ٿي سگهي ته سڀاڻي ضرور ٿيندي، ڪوشش هوندي ته نگران وزيراعظم تي اتفاق راءِ ٿي وڃي

وزيراعظم چيو ته گذريل 16 مهينا منهنجي زندگي جا سڀ کان مشڪل دور هو، اڳوڻي حڪومت ملڪي معيشت سان گڏوگڏ پرڏيهي پاليسي کي به نقصان پهچايو، اڳوڻي حڪومت آمريڪا تي بي بنياد الزام لڳايا، آمريڪا سان اسان جا سفارتي تعلقات تقريبن ختم ٿي چڪا هئا، هاڻي آمريڪا سان تعلقات ۾ بهتري اچڻ شروع ٿي آهي

هن پي ٽي آءِ چيئرمين تي سخت تنقيد ڪندي چيو ته انسان اهو ڪم ڪري جنهن جا نتيجا اهو برداشت ڪري سگهي، ٻن ڏينهن ۾ سائفر جي حقيقت کلي سامهون اچي وئي آهي، ايس آءِ ايف سي ملڪي ترقي جو مڪمل ويزن آهي، سول ۽ عسڪري قيادت ملڪ کي هڪ ڀيرو ٻيهر ترقي جي رستي تي آندو آهي

شهباز شريف چيو ته نواز شريف تي هاڻي ڪا پابندي ناهي، هو پنج سالن جي نا اهلي جو مدو پورو ڪري چڪو آهي، نواز شريف واپس اچي قانون کي منهن ڏيندو، نواز شريف ايندڙ سال ڏيهه موٽي ايندو، قوم ان جو شاندار آڌرڀاءُ ڪندي

هن چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين ملڪ ۾ تباهي آندي، 9 مئي پاڪستان جي اونداهو ڏينهن هو، 9 مئي واقعو رياست، فوج ۽ سپهه سالار خلاف بغاوت هو

وزيراعظم شهباز شريف چيو ته آرمي ايڪٽ ۾ ترميم ٿي، پي ٽي آءِ سميت سمورين پارٽين حمايت ڪئي، ڪجھه ججن پارليامينٽ سان ڇڪتاڻ ڪئي، قانون ساز کي قانونسازي ڪرڻ جو مڪمل اختيار آهي،  مون تاريخ ۾ ڪڏهن  ناهي ڏٺو ته قانون تي عملدرآمد کان روڪيو وڃي، قانون ساز جو حق کسڻ جي ڪوشش ڪئي وئي

هن چيو ته قانون ٺاهڻ پارليامينٽ جو ڪم آهي، سپريم ڪورٽ جو ڪم قانون جي تشريح ڪرڻ آهي، سپريم ڪورٽ جو فيصلو ان وقت آيو جڏهن پارليامينٽ جو مدو مڪمل ٿي چڪو هو

هن چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين ڪوڙ ڳالهايو ته آمريڪا سازش ڪئي، مون کيناهي خبر ته سائيفر ڪيئن ليڪ ٿيو پر پي ٽي آءِ چيئرمين اعتراف ڪري چڪو آهي. نگران وزيراعظم جو معاملو اڄ تائين حل ٿي ويندو

Leave A Comment