ڪراچي(پنهنجي ڊيسڪ)نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽي نگران وزيراعظم لاءِ محمد ميان سومرو ۽ عشرت العباد جي نالن تي به غور شروع ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته اڄ اتحادين سان به مشاورت جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي
ذريعن موجب اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف وچ ۾ نگران سيٽ اپ بابت ڪيترائي اجلاس ٿي چڪا آهن جڏهن ته ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ٽيليفون رستي پڻ مشاورت وارو عمل جاري آهي
ذريعن جو چوڻ آهي ته اڳوڻي صدر آصف علي زرداري پيپلز پارٽي پاران اڳوڻن گورنرن عشرت العباد ۽ محمد ميان سومرو جا نالا نگران وزيراعظم لاءِ پيش ڪيا آهن جنهن تي ٻنهي اڳواڻن وچ۾ ڊگهي مشاورت پڻ ٿي چڪي آهي
ذريعن موجب اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ٻنهي نالن تي وڌيڪ غور لاءِ وزيراعظم شهباز شريف کي پڻ هدايت ڪري ڇڏي آهي جيڪو اڄ اتحادين سان صلاح مشورا ڪري رپورٽ پارٽي قائد کي ڏيندو جنهن بعد حتمي فيصلو ڪيو ويندو
ٻئي طرف هڪ نجي ٽي وي چينل دعويٰ ڪئي آهي ته پ پ جي شريڪ چيئرمين جي تجويز تي ڳالهين لاءِ وزيراعظم شهباز شريف اڄ ڪراچي ايندو، جڏهن ته اتحادين جي اجلاس ۾ به اها ڳالهه رکي ويندي جنهن بعد فيصلو ڪيو ويندو